سياسي جعلي ڊاڪٽر جو مريضن سان اڍنگو رويو، سماجي ڪارڪن جي دانھن - Eye News Network

سياسي جعلي ڊاڪٽر جو مريضن سان اڍنگو رويو، سماجي ڪارڪن جي دانھن

0

   مٺياڻي(اي اين اين) مٺياڻي لڳ ليٽ ننگر خان چانڊيو جي سماجي ڪارڪن سلمان خان چانڊيو ميڊيا آڏو دانھيو آھي تہ ھو پنھنجي امڙ کي ايمرجنسي ۾ ھڪ نجي ڪلينڪ تي علاج لاء وٺي ويو جتي ڊاڪٽر موجود نہ ھو پر ھڪ سيکڙاٽ ليڊي ورڪر موجود ھئي جنھن کي علاج جي خبر نہ بہ ھئي. ان دوران ھن ڊاڪٽر جي پڇا ڪئي جيڪو ڀرسان واري ڪمري ۾ ھڪ پر تڪلف محفل ۾ ويٺل ھو ۽ اوچتو اچڻ شرط بدتميزي ڪرڻ لڳو ۽ ان وزير ملڪ نالي ڊاڪٽر کانئس موبائل فون ڦري ورتو ۽ اتي موجود غنڊن کان تشدد ڪرايو
سلمان خان الزام ھنيو تہ ڊاڪٽر نشي ۾ ڌت ھيو ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهايو ۽ چيائين تہ ھو پي پي جو عھديدار آھي سن لاء کيس ڪير بہ ڪجھ نٿو ڪري سگهي
سماجي اڳواڻ وڌيڪ چيو تہ اھو ڊاڪٽر مڪمل ڊگري بہ پاس ناھي ۽ پارٽي جي زور تي بدمعاشي لڳايو ويٺو آهي. سماجي اڳواڻ الزام ھنيو ان ڊاڪٽر پنھنجو ميڊيڪل اسٽور بہ قائم ڪري رکيو آھي ۽ غريبن کي ڦري رھيو آھي. ھن صحت کاتي جي اعلي اختيارين کان جاچ جو مطالبو ڪندي قدم کڻڻ جي گھر ڪئي آھي. ھن چتاء ڏنو تہ جيڪڏهن انصاف نہ ٿيو تہ سخت احتجاج ڪيو ويندو

About Author

Leave A Reply