مشورين جو ڪو به سردار ناهي، 12 نومبر تی گڏ ٿي رهيا آهیون: سائين شفيع محمد - Eye News Network

مشورين جو ڪو به سردار ناهي، 12 نومبر تی گڏ ٿي رهيا آهیون: سائين شفيع محمد

0

(نوشھرو فيروز(اي این این ایس
درگاه مشوري شريف جي گادي نشين سائين شفيع محمد مشوري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 12 نومبر تي آل پاڪستان مشوري اتحاد ويلفيئر جي گڏجاڻي مٺياڻي لڳ ڳوٺ نياز علي مشوري ۾ ٿي رهي آهي جنهن ۾ پوري سنڌ سميت پنجاب صوبي جا مشوري ذات سان تعلق رکندڙ برادري جا ماڻهو گڏ ٿي رهيا آهن
هن چيو ته اسان مشورن جو سنڌ ۾ ڪو به سردار نه آهي هڪ هٿ ٺوڪيو ماڻهو پاڻ کي مشوري ذات جو سردار سڏائي مشوري ذات کي ٻن ڌڙن ۾ ورهائي نفرتون ڦهلائڻ جي ڪوشش پيو ڪري جيڪا ڳاله مذمت جوڳو عمل آهي
مان ان سردار کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اسان ڪنهن به سردار کي قبول نه ٿا ڪريون اسان فقير ماڻهو آهيون اسان مشوري ذات کي سردار نه ذات جي خدمت ڪرڻ لاء ڪنهن فقير جي ضرورت آهي
ان موقعي تي نصرالله مشوري، احمد خان مشوري، مولا بخش مشوري، غلام حيدر مشوري، لياقت علي مشوري فداحسين مشوري پڻ موجود هئا

About Author

Leave A Reply