ڀرٽ-سولنگي تڪرار ۾ ھڪ جوابدار گرفتار، امن لاء منٿ ميڙ قافلو سرگرم - Eye News Network

ڀرٽ-سولنگي تڪرار ۾ ھڪ جوابدار گرفتار، امن لاء منٿ ميڙ قافلو سرگرم

0

مٺياڻي (اي اين اين ايس) مٺياڻيء ڀرسان ڀرٽ-سولنگي ڌرين ۾ پسند جي پرڻي تان شروع ٿيل تڪرار ۾ اٽڪل پندرنھن ڏينھن پھرين ڳوٺ ڪانڊيرو سولنگيء واسي قتل ٿيل ٻن ڄڻن عبدالرزاق ء امتياز علي سولنگيء جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ڄاڻايل محبوب علي ولد محمد اسماعيل ڀرٽ کي مٺياڻي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي.
ٻئي طرف ساڳي ڪيس جي فريادي ۽ مقتولن جي چاچي غلام شبير سولنگي ٻڌايو ته مٺياڻي پوليس واقعي کي پندرنھن ڏينھن گذرڻ جي باوجود اڃا صرف ھڪ جوابدار کي مس گرفتار ڪيو آھي، جڏھن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻيا سڀ جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن.
واضح رھي ته اٽڪل ھڪ سال پھرين ناري سيما سولنگي ۽ اشفاق ڀرٽ جي ڪيل پسند جي پرڻي تان سولنگي ۽ ڀرٽ برادريء جي ٻن ڌرين۾  شروع ٿيل تڪرار جي نتيجي ۾ ھينئر تائين ٻنھي ڌرين جا ٻه ٻه ڄڻا ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن، جڏھن ته سڄي علائقي ۾ خوف وحراس ڇانيل آھي ,ڪيترائي ڳوٺاڻا محفوظ ھنڌن ڏانھن لڏو کڻي وڃي چڪا آھن.
آخري اطلاع موجب مٺياڻي پوليس جوابدار محبوب ڀرٽ جو جوڊيشنل مئجسٽريٽ نوشھروفيروز جي عدالت مان چئن ڏينھن جو جسماني ريمانڊ حاصل ڪري ورتو آھي.        هوڏانهن جي يو آء جو منٿ ميڙ قافلو جي يو آء جي مرڪزي اڳواڻن مولانا مير محمد ميرڪ، مولانا عبدالرحمان ڏنگراچ، مولانا عبدالعليم گھانگھرو، مولانا محمد رمضان خاصخيلي، اڪرم علي پيرزادو ء ٻين جي اڳواڻيء ۾ اٽڪل ھڪ سئو ڄڻن جن ۾ عالم ۽ جي يو آء جي ڪارڪنن تي مشتمل منٿ ميڙ قافلو مٺياڻيء مان مورو ويجھو ڳوٺ مناھينء ۾ سولنگي برادريء جي اٽڪل پندرنھن ڏينھن پھرين قتل ٿيل ٻن ڄڻن عبدالرزاق ۽ امتياز علي سولنگي جي تڏي تي پھچي سندن وارثن سان عذرخواھي ڪئي.
ان موقعي تي جي يو آء اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته اسين اوھان وٽ امن ڪرائڻ ۽ اوھانکي فيصلي لاء آماده ڪرڻ لاء ھي منٿ ميڙ قافلو وٺي آيا آھيون , جنھن تي سولنگي برادريء جي شھمير علي، محمد خان ۽ عبدالمجيد سولنگي موٽ ڏيندي چيو ته اسانکي جي يو آء جي اڳواڻن ,عالمن ۽ سندن ڪارڪنن لاء لک عزت آھي , اسان به امن چاھيون ٿا , اسان جھيڙو نه ڪرڻ جو يقين ڏياريون ٿا، باقي فيصلي لاء مقتولين جي چاليھي گذرڻ بعد پنھنجن چڱن سان مشورو ڪري موٽ ڏينداسين.

About Author

Leave A Reply