غدار؟ لالا حسن پٺاڻ - Eye News Network

غدار؟ لالا حسن پٺاڻ

0

پاڪستان دنيا جو شايد اهو واحد ملڪ آهي جتي وڌ کان وڌ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ٿا يا ائين چئجي ته هتي وڌ کان وڌ ”غدار“ رهن ٿا. هي دنيا جو نرالو ملڪ آهي جتي وڏي تعداد ۾ غدار رهن ٿا پر اڄ تائين ڪنهن کي به سزا ناهي آئي ۽ ان جو وڏو سبب شايد اهو آهي ته اهي اڪثر ڪيس سياسي نوعيت جا رهيا آهن ۽ ان جو اصل مقصد مخالفن کي سبق سيکارڻ هجي ٿو، سواءِ هڪ ڪيس جي جيڪو آئين ٽوڙيندڙ آمر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف مٿان داخل ٿيو پر ان جو به ڪو نتيجو اڃا تائين سامهون ناهي آيو. جڏهن ته جنهن حڪومت ۾ اهو ڪيس داخل ٿيو هو، ان وقت جي وزيراعظم ۽ پارٽي قائد نواز شريف مٿان غداريءَ جو ڪيس داخل ٿي ويو آهي.

اهو نواز شريف جيڪو ملڪ جو ٽي دفعا نه رڳو وزيراعظم رهيو پر ان کي هر دفعي وڏو ”مينڊيٽ“ حاصل رهيو ۽ هر دفعي ان کي انهن ئي هٽايو جيڪي کيس وڏو مينڊيٽ ڏياري ڪامياب ڪرائيندا رهيا ۽ کيس پي پي پي جي قيادت جي مقابلي ۾ وڏو ايماندار ڪري پيش ڪيو ويندو رهيو ايتري قدر جو ملڪ جا ڪيترائي نام نهاد دانشور کيس ”خليفو“ ڪري پيش ڪندا رهيا ايتري قدر جو سنڌ جا ڪيئي ڏاها به کيس پي پي قيادت کان وڌيڪ ايماندار ۽ سچو ڪري تعريفن جا پل ٻڌندا هئا.

نواز شريف هڪ حساب سان خوش قسمت رهيو آهي ته هن جو تعلق پنجاب سان آهي، ان ڪري سزا يافته هئڻ باوجود هو ملڪ کان ٻاهر نيو ويو ۽ هن وقت به هو لنڊن ۾ موجود آهي ۽ بدنصيب ان حساب سان ته هن هر ڀيري آرمي چيف مقرر ڪرڻ وقت غلط فيصلا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ سندس حڪومت هر ڀيري گهر ڀيڙي ڪئي وئي. چوڻ وارا چون ٿا ته موجوده آرمي چيف کي به نواز شريف ٻين سينئر آفيسرن کي پوئتي رکي مقرر ڪيو ۽ اسلام آباد جا ذريعا اها تصديق ڪن ٿا ته نواز شريف پنهنجي پرنسيپل سيڪريٽري جي چوڻ تي کيس مقرر ڪيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو ڪامورو بعد ۾ نيب جي پڪڙ ۾ اچي ويو.

باچا خان کان وٺي محترمه فاطمه جناح تائين ۽ جي ايم سيد، ذوالفقار ڀٽو کان ويندي بينظير ڀٽو تائين ڪيئي اڳواڻن کي ملڪ دشمن ۽ غدار قرار ڏنو ويو پر وقت ثابت ڪيو ته اهي نه صرف ملڪ پر عوام جا به خير خواه هيا. ذڪر ڪيل سڀني اڳواڻن کي اڪثر ڪري فوجي آمرن غدار يا امريڪي ايجنٽ قرار ڏنو پر وقت اهڙن ڏنل سڀني سرٽيفڪيٽن کي ڪوڙو قرار ڏنو.

هتي اها ڳالهه تمام اهم آهي ته جنهن ايسٽبلشمينٽ تي سياسي مداخلت جا الزام رومال ۾ ويڙهي هنيا ويندا هئا اهي هاڻي عالم آشڪار ٿي ويا آهن. ملڪ جو ٽي ڀيرا وزير اعظم رهندڙ نواز شريف واضح طور چئي چڪو آهي ته هن جو مقابلو موجوده وزيراعظم عمران خان سان نه پر کيس آڻيندڙن سان آهي. نواز شريف اهو پهريون اڳواڻ يا وزير اعظم ناهي جنهن اها ڳالهه چئي آهي پر هن کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو پڻ چئي چڪي، جيڪا ملڪ جي ٻه دفعا وزير اعظم رهي. موجوده وزير اعظم عمران خان جڏهن مخالف ڌر ۾ هيو ته اهو پڻ اهي ڳالهيون ڪندو رهيو، جڏهن ته ملڪ جا ترقي پسند ۽ قومپرست اڳواڻ اهي ڳالهيون وڏي عرصي کان چوندا رهيا پر کين ڪڏهن غدار ته وري ڪڏهن را جو ايجنٽ چيو ويو

انهن سڀني ڳالهين کي ان وقت طاقت ملي جڏهن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت مشهور زمانه اصغر خان ڪيس ۾ تاريخي فيصلو ڏيندي 1990 ۾ ٿيل عام چونڊن کي فراڊ ڪوٺيو ۽ ان وقت جي آرمي چيف ۽ ڊي جي آئي ايس آئي کي ذميوار قرار ڏنو ويو پر ان فيصلي کي سنڌي چواڻي موجب منڊيءَ تي ٽڪ ان وقت لڳي جڏهن ان وقت جي ڊائريڪٽرجنرل آئي ايس آئي جنرل اسد دراني پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙو اعتراف ڪيو. اسانجي عوام کي شايد ياد هجي ته محترمه ان وقت دانهون ڪيون هيوين ته پي پي کي هٿ وٺي ڌانڌلي ڪري هارايو ويو پر ان وقت مٿس اهي الزام هنيا ويا ته هوءَ هارائڻ بعد اهڙيون ڳالهيون پئي ڪري پر وقت ثابت ڪيو ته بينظير ڀٽو سچ پئي چيو

هتي اها ڳالهه تمام اهم آهي ته پي پي خلاف ٺهندڙ آئي جي آئي جي اڳواڻن ۾ نواز شريف پڻ شامل هيو، وقت جو حساب چئجي يا ايٽبلشمينٽ جي جادوگري ته جنهن نواز شريف کي هنن وزير اعظم بنايو اهو اڄ سندن سامهون اچي بيٺو آهي. تازو ئي جي يو آئي اڳواڻ مولانه سينيٽر علي شير حيدري هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ اهو انڪشاف ڪيو ته جڏهن هنن عمران حڪومت خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ته فوجي سربراه کين سمجهايو ته اهي ائين نه ڪن ۽ کين نواز شريف خلاف ٿيندڙ ڪارروائين تي خاموش رهڻ گهرجي

هاڻي اها ڳالهه عالم آشڪار ٿي چڪي آهي ته سياست ۾ ”جادوگري“ ٿيندي رهي آهي ۽ وفاقي يا مذهبي جماعتن جو ڪردار هڪ اداڪار طور رهيو آهي ۽ انهن جا ڊائريڪٽر دراصل اهي آهن جن ڏانهن سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ نشاندهي ڪر چڪي آهي

هاڻي پاڻ اچون ٿا نواز شريف مٿان غداري واري ڪيس داخل ٿيڻ ڏانهن، جنهن ۾ نه رڳو مٿس پر سندس سڄي پارٽي قيادت مٿان، (جنهن اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، پنج ڀيرا ملڪ جي وڏي صوبي جو وڇو وزير رهندڙ شهباز شريف پڻ شامل آهي) ڪيس داخل ڪرايو ويوآهي ۽ فريادي پي ٽي آئي جو اڳواڻ آهي. جنهن بابت اهو به چيو پيو وڃي ته اهو پنجاب جي گورنر محمد سرور جو ويجهو آهي جڏهن ته گورنر ان جي ترديد ڪئي آهي. ها هي اهو ئي سرور آهي جنهن کي نواز شريف به گورنر لڳايو هو پر جڏهن عمران خان ۽ طاهرالقادري نواز سرڪار خلاف ڌرڻو هنيو هو ته گورنر انهن سان اندروني طور مليل هو ۽ بعد ۾ هن استعيفي! ڏئي ڇڏي هئي

هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته موجوده وزير اعظم عمران خان جو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن نواز شريف خلاف بغاوت واري ڪيس بابت چيو آهي ته اهو ڪيس داخل نه ٿيڻ کپندو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته کانئس نه پڇيو ويو يا هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. اها به حقيقت آهي ته اڄ ڪالهه عام ماڻهوءَ تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ايس پي سطح جي عملدار جي اجازت ورتي وڃي ٿي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ملڪ جي ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ مٿان ڪيس ڪنهن ايس ايڇ او جي مرضيءَ سان داخل ٿيو هوندو. ان مان لڳي ٿو ته مخالف ڌر درست پئي الزام هڻي ته اصل واڳ ڌڻي ڪي ٻيا آهن

جيڪڏهن ائين آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اصل واڳ ڌڻي هاڻي مڪمل طور تي وائکا ٿي چڪا آهن ۽ ڇا اقتداري جنگ جو آخري رائونڊ شروع ٿي چڪو آهي؟. جڏهن ته ملڪ جي معاشي صورتحال اهڙي ناهي ته ڪي اندروني اختلاف برداشت ڪري سگهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۽ قوم جي مفادن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ ذاتي مفادن واري ڊوڙ نه رڳو ملڪ کي کوکلو ڪندي پر عوام جي به ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندي. ملڪي ايسٽبلشمينٽ توڙي سياستدانن سميت سڀني ڌرين کي هوش کان ڪم وٺندي صرف ۽ صرف ملڪي مفاد ۾ قدم کڻن گهرجن نه ته تاريخ کين ڪڏهن معاف نه ڪندي

About Author

Leave A Reply