نواب ولي محمد ويجهو ايس ايڇ او سميت ڀنڊ برادريء جي 6 ڄڻن جي قتل خلاف مظاھرا - Eye News Network

نواب ولي محمد ويجهو ايس ايڇ او سميت ڀنڊ برادريء جي 6 ڄڻن جي قتل خلاف مظاھرا

0

 مٺياڻي (ای این این) نواب ولي محمد ويجهو ايس ايڇ او سميت ڀنڊ برادريء جي 6 ڄڻن جي بي رحماڻي قتل، بيگناھ ڳوٺاڻن جي گرفتاري ۽ زمينن تي قبضي خلاف مختلف سياسي، سماجي ۽ مذھبي ڌرين پاران الڳ الڳ مظاھرا ڪيا ويا۔

ان سلسلي ۾ حبيب مشوري، محبوب ملاح، عرس مشوري، فيصل مستوئي، حبيب ملڪ ۽ انتظار راجپوت جي اڳواڻيء ۾ سنڌڙي چوڪ مٺياڻيء تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو۔
مظاهرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا جن تي نواب ولي محمد جي بيگناھ شھيدن کي انصاف ڏيارڻ، قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ زمين تان قبضه فوري طور ھٽرائڻ جا مطالبا لکيل ھئا۔ ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ڳالهائيندي چيو تہ حڪومت جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي, سنڌ پوليس زرداري قبيلي وٽ يرغمال بڻيل آھي۔ انصاف جو ڪٿي به ڪو پتو ناھي۔ ھنن وڌيڪ چيو زرداري قبيلي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي مدد سان ڀنڊ برادري سميت ايس ايڇ او کي بيرحميء سان قتل ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته سندن زمينن تي پڻ قبضو ڪيو ويو آھي جيڪو ڏاڍ ۽ جبر آھي۔
آخر ۾ ھنن واقعي جي ايف آئي آر مقتولن جي وارثن جي مرضيء مطابق داخل ڪرڻ، قتلن ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ سندن زمينن تان قبضو ڇڏائڻ جو مطالبو ڪيو آھي

About Author

Leave A Reply