مٺياڻي: مبينه پي پي اڳواڻ پاران صحافين خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر مهم، احتجاج - Eye News Network

مٺياڻي: مبينه پي پي اڳواڻ پاران صحافين خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر مهم، احتجاج

0

مٺياڻي (اي اين اين) مٺياڻي شهر ۾ مختلف هنڌن تي قبضن ۾ ملوث پاڻ کي پي پي پي مٺياڻيءَ جو صدر ۽ رئيس سڏائيندڙ پاران هڪ دفعو ٻيهر سينئر صحافين خلاف سوشل ميڊيا تي غليظ لفظ استعمال ڪيا پيا وڃن. واضح رهي ته انهيءَ شخص پاران هن کان اڳ به صحافين خلاف مهم هلائي وئي هئي، جڏهن صحافين هن پاران قبضي جي ڪوشش جون خبرون هلائي هڪ پلاٽ ۽ کڏ تان مبينه قبضو ختم ڪرايو هو

هن دفعي اي اين اين جي رپورٽر ۽ ايڊيٽر خلاف مهم هلائي پئي وڃي جنهن جي صحافين پاران سخت مذمت ڪندي پي پي جي قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته ان خلاف قدم کنيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج سان گڏ قانوني جنگ به تيز ڪئي ويندي

صحافين پاران ان حوالي سان پي پي اڳواڻ ضياءُالحسن لنجار، ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي پڻ آگاهي ڏني وئي

ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ مزڪوره پي پي اڳواڻ غنڊا ساڻ ڪري رجسٽرڊ پريس ڪلب مٺياڻيءَ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي گهر تي حملو ڪيو هو، جنهن جو فيصلو ڊي ايس پي اعجاز علي ميمڻ ڪيو هو جنهن ۾ پي پي اڳواڻ ڏوهه قبول ڪيو هو، پر امن خاطر صحافين معاملو اڳتي نه وڌايو هو

About Author

Leave A Reply