مرتضيٰ جتوئي جي ویجھن ماٹھن تي قتل جو ڪيس داخل - Eye News Network

مرتضيٰ جتوئي جي ویجھن ماٹھن تي قتل جو ڪيس داخل

0

 نوشھروفیرو (رپورٹ: لالا حسن/ ای این این) دادو ڀرسان اڳوڻي وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي جي فارم هائوس بنگلي تي گذريل ڏينهن مال جي ڀيل تان فائرنگ ۾ مارجي ويل شاهاڻي برادري جي ٻن ڄڻن منٺار شاهاڻي ۽ طالب شاهاڻي جي قتل جو ڪيس اسماعيل جا ڀاڻ ٿاڻي تي زميندار خادم پٽ علي گوهر شاهاڻي جي فرياد تي گناھ نمبر 3/2021 تحت 9 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، قتل ڪيس ۾ جوابدار علي گل جتوئي، ياسين جتوئي، بشير جتوئي سڪندر جتوئي ۔غلام علي جتوئي ۔گاگو لاشاري۔ رياض لاشاري ۽ ٻيا شامل آهن، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته فوتي منٺار شاهاڻي ۽ طالب شاهاڻي ڌنار آهن جنهن کان جوابدار علي گل جتوئي، بشير عرف بشو جتوئي، سڪندر، غلام علي، گاگو لاشاري، رياض لاشاري، پوڙهو لاشاري هٿيارن جي زور تي مينهون ڦر ڪيو ۽ اهو چيو ته اوهان لاءِ عليم جتوئي چيو آهي ته اوهان هتان لڏو کڻي وڃون، جنهن تي اسان گڏجي رئيس غلام مرتضيٰ جتوئي جي بنگلي تي پهتاسين ته اتي عليم جتوئي، ياسين جتوئي ويٺل هيا ۽ پاسي ۾ اسان جون ڦر ٿيل مينهون بيٺل هيون، اسان کي ڏسي عليم جتوئي چيو ته اوهان پنهنجا گهر خالي ڪيو ۽ زمينون اسان کي لکي ڏيو، اسانجي انڪار تي کين ڪاوڙجي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن ۾ اسان جا ٻه ڄڻا منٺار شاهاڻي ۽ طالب شاهاڻي زخمي ٿيا جنهن کي کڻائي سول اسپتال دادو آندو پيو وڃي ته زخمن جي سٽ نه سهندي هو فوت ٿي ويا، هوڏانهن پوليس موجب ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا ھنيا پيا وڃن، قتل ٿيل ٻنهي نوجوانن منٺار شاهاڻي ۽ طالب شاهاڻي جا مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا آهن، علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي. ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري پڻ علائقي ۾ پهتل آهي، پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن

About Author

Leave A Reply