قبائلي جھيڙو نه ٿا چاھيون، شاھاڻي سان خانداني واسطا آهن، قبضا خالي نه ٿيا ته ذميوار نه ھونداسین، مرتضیٰ جتوئي - Eye News Network

قبائلي جھيڙو نه ٿا چاھيون، شاھاڻي سان خانداني واسطا آهن، قبضا خالي نه ٿيا ته ذميوار نه ھونداسین، مرتضیٰ جتوئي

0

 نوشھروفيروز(لا لا حسن/ای این این) سابق وفاقی وزیر ء این پی پی جی سربراہ مرتضي خان جتوئي پريس ڪانفرنس ڪندی چیو آھی تہ ڪمند جو فصل ڀيلائي نقصان ڪيو ويو، اسان امن پسند آھيون، پوليس ڌر بڻجي نقصان ڪرائي رھي آھي۔
اسان ھٿيار کڻڻ نه ٿا چاھيون، قبضي ھيٺ آيل لانڊين کي خالي ڪرايو وڃي، اسان ھر فيصلو ڏيڻ لاءِ تيار آھيون.
اسان قبائلي جھيڙو نه ٿا چاھيون،
شاھاڻي سان خانداني واسطا آهن، قبضا خالي نه ٿيا ته اسان جي ذميواري نه ھوندي، ڪجھ ڏينھن اڳ گورنر آيو، ته بئي پاسي ھي مسئلو ٿيو آهي. دفاع ۾ فائرنگ ڪئي وئي ته نقصان ٿيو، پوليس جي چوڻ تي ماڻھو ھٽايا، ماڻھو ھٽائي بنگلو ء لانڊيون پوليس حوالي ڪيون، پوليس جي ھينڊاور ڪرڻ بعد نقصان ڪيو ويو، پوليس موجودگي ۾ لانڍين تي قبضو ڪري ڪروڙين روپين جو سولر چوري ڪيو ويون. ڪچي م جتوئي خاندان جون زمينون آھن، مختلف برادرين جا ماڻھو به آھن، شاھاڻين فصل جي ڀيل ڪئي، مال ڪاھي لانڍي تي ٻڌي ڇڏيو، مال راڄوڻي ذريعي ڇڏائڻ بجاء بنگلي تي حملو ڪيو ويو. جنهن ۾ پنجاھ ھٿياربند شامل ھئا

About Author

Leave A Reply