نواب شاھ: ڳوٺاڻن جو حملو ڪندڙ جوابدارن ۽ پولیس خلاف احتجاج، پاڻ ساڙڻ جو چتاء - Eye News Network

نواب شاھ: ڳوٺاڻن جو حملو ڪندڙ جوابدارن ۽ پولیس خلاف احتجاج، پاڻ ساڙڻ جو چتاء

0

 نواب شاھ (اي این این) بڇھري ڀرسان ڳوٺ اللہ بخش عباسي جي ڳوٺاڻن عبدالواحد عباسي، ذوالفقار علي عباسي، ضياء الحق عباسي جي اڳواڻي ۾ زرداري، سيد ۽ بالوجاقبا پوليس جي زيادتين خلاف بينظيرآباد پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪانفرنس ڪئي۔
ان موقعي تي عبدالواحد عباسي، ذوالفقار علي عباسي، ضياء الحق عباسي ميڊيا کي ٻڌايو ته سيدن جي پنجاھ ايڪڙ زرعي زمين آھي جيڪا ڪافي سالن کان اسان وٽ آھي جنھن مان ٽيھ ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪئي ھئي جنھن جو دستاويز پڻ موجود آهي، جڏھن تہ ويھ ايڪڙ مقاطي تي ورتل آھي، ڳوٺاڻن الزام ھڻندي چيو تہ جڏھن تہ فجر جي ٽائم ذاڪر حسين زرداري، محسن زرداري، عابد حسين زرداري ھٿياربندن سان اسان جي ڳوٺ تي ڪاھ ڪري ڪڙو چاڙھي سڌي فائرنگ ڪئي جنھن ۾ اسان جا 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن جڏھن تہ 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي۔
اسان جي گھرن ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارڙن کي پڻ سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي، اسان جا 4 ٽريڪٽر ٽراليون،21 مينھون ۽ چار سئو ڪڻڪ جون ٻوريون کڻي ويا آھن جڏھن تہ ستن ماڻھن کي اغوا ڪيو ھئو انھن مان چار ڄڻن کي ڇڏيو ويو آهي۔ پوليس کي بار بار اطلاع ڏنو پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو جڏھن تہ پندرھن سئو کان ٻہ ھزار ھٿياربند ھن مھل تائين ڳوٺ تي ڪڙو چاڙھيو ويٺا آھن۔
ھنن اعلي اختيارين، ڊي جي رينجرز سنڌ، آئي جي سنڌ، وزيراعلی سنڌ سميت پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ لٽيل سامان ۽ قبضو ختم ڪري حملو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي نہ تہ اسين پريس ڪلب ٻاھران پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين

About Author

Leave A Reply