نوشھروفیرو: صحافي رانا سرور مٿان حملي جا جوابدار گرفتار نہ ڪرٹ خلاف عيد بعد ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان - Eye News Network

نوشھروفیرو: صحافي رانا سرور مٿان حملي جا جوابدار گرفتار نہ ڪرٹ خلاف عيد بعد ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان

0

نوشھروفیرو (پ ر/ای این این) نوشھروفیرو یونین آف جرنلسٹس (اين ايف يو جي) پاران مٺياڻي جي صحافي غلام سرور راجپوت مٿان حملي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف عيد بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز آفيس آڏو ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو۔

تفصيل موجب مٺياڻي جي صحافي ۽ اين ايف يو جي جي  ميمبر غلام سرور راجپوت جي گھر تي مٺياڻي جي بااثر ماڻهن پاران حملو ڪري فائرنگ ڪرڻ واري  واقعي جو مٺياڻي پوليس پاران ڪيس داخل  نه ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ نوشهرو فيروز يونين آف جرنلسٽس جي صدر راڻا شير محمد، جنرل سيڪريٽري مظھر خاصخيلي ۽ زاھد راڄپر مٺياڻي پھچي صحافي غلام سرور راجپوت سان ملاقات ڪئي ۽ گھر تي حملي بابت تفصيل معلوم ڪيا ۽ واقعي واري ھنڌ جو معائنو ڪيو. صحافي غلام سرور راجپوت ٻڌايو ته شھر جي بااثر ماڻھن رات جو 12 وڳي سندس گھر تي حملو ڪيو ۽ ڇتي فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھو معجزاڻي طور بچي ويو جڏھن تي ھٿياربندن سندس ڀائيٽيي  تي سخت تشدد ڪري زخمي ڪيو.

واقعي جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو نه ئي وري جوابدار گرفتار ٿيا آھن ھن وقت به کيس موتمار ڌمڪيون ملي رھيون آھن ۽ سندس زندگي کي سخت  خطرو آهي. جنھن تي نوشھروفيروز يونين آف جرنلسٽس جي  اڳواڻن صحافي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته صحافي غلام سرور راجپوت اڪيلو ناھي ضلع جا سمورا صحافي ساڻس گڏ آھن جيڪڏھن پوليس صحافي تي حملي جو ڪيس داخل نه ڪيو ته عيد کانپوء  تعلقي سطح تي مظاھرا ڪرڻ بعد ايس ايس پي نوشهرو فيروز جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو، ڇاڪاڻ ته مٺياڻي پوليس صحافي تي حملو ڪندڙ بااثر جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي

ھنن چيو ته اين ايف يو جي جا سمورا عھديدار ۽ ميمبر عيد تائين پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي مذمتي بيان جاري ڪن ۽ عيد بعد مظاھرن جو شيڊيول جاري ڪيو ويندو

About Author

Leave A Reply