نوشھروفیرو:”بحريا ٽائون انتظامیہ جي دھشتگردي نامنظور” ساس جو مظاھرو - Eye News Network

نوشھروفیرو:”بحريا ٽائون انتظامیہ جي دھشتگردي نامنظور” ساس جو مظاھرو

0

نوشهروفيروز (اي این این ایس) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز پاران بحريا ٽائون عملي پاران سنڌي ڳوٺن تي چڙھائين خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل ھئا ۽ اھي بحريا ٽائون جي دھشتگردي نامنظور جا نعره ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاھد راڄپر، ضلع رابطه سيڪريٽري مظھر خاصخيلي، راڻا شير محمد، نور راڄپر ايڊووڪيٽ، ارباب ملاح، رياض مھر، غلام مرتضي تڳر ۽ ٻين چيو ته ھڪ گھري سازش تحت ڪراچي تي قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌي ڳوٺن کي مسمار ڪيو پيو وڃي، جيڪا انتھائي دھشتگردي آھي. ھنن چيو ته سنڌي ڳوٺن تي حملا ڪري ڳوٺاڻن کي زخمي ڪيو ويو پر ھن وقت تائين ملڪ رياض جھڙي مافيا خلاف ڪيس داخل ناھي ڪيو ويو نه ئي وري مقامي آبادين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ھنن چيو ته سنڌ جي تحفظ لاءِ اڄ به سنڌ جا اديب، شاعر ۽ ساڃاھ وند عمل جي ميدان تي آھن

About Author

Leave A Reply