مٺياڻي: بحريا ٽائون انتظامیہ جي ڌرتي ڌڻين مٿان ڪيل دهشتگردي خلاف مظاهرو - Eye News Network

مٺياڻي: بحريا ٽائون انتظامیہ جي ڌرتي ڌڻين مٿان ڪيل دهشتگردي خلاف مظاهرو

0

مٺياڻي (اي این این ایس)يوسي ٺٽ ڳوراهو ۾ جسقم طرفان بحريا ٽائون جي ڌرتي ڌڻين مٿان ڪيل دهشتگردي خلاف صوفي خالد چنا، ذيشان چانڊيو، فراز سنڌي، نادر کوکر ۽ ارشد شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي

مظاهري کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻ چيو تہ ترقي جي کوکلي دعوا هيٺ سنڌي وسندين مٿان بحريا ٽائون قبضا مافیا طرفان ڏينهون ڏينهن قديمي ڳوٺن مٿان هٿياربند ساڻ ڪري قبضو ڪيو پيو وڃي جن کي سنڌ پوليس ۽ حڪومتي پٺڀرائي حاصل آهي، ڌرتي ڌڻين مٿان اهڙي قسم جا قبضا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن جنهن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح پيپلزپارٽي ملوث آهي

About Author

Leave A Reply