شاھپور جھانيان وٽ ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر، گرلز ھاء اسڪول جي ماسترياڻي فوت، ڀيڻ زخمي - Eye News Network

شاھپور جھانيان وٽ ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر، گرلز ھاء اسڪول جي ماسترياڻي فوت، ڀيڻ زخمي

0

مٺياڻي (اي این این ایس) شاھپور جھانيا وٽ ڪار ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر، گرلز ھاء اسڪول جي ماسترياڻي فوت، سندس ڀيڻ شديد زخمي ٿي پئي. خبر موجب حيدرآباد کان ڪار وسيلي مٺياڻي ايندڙ سيد فيمليءَ جي ڪار جو شاھپور جھانيان وٽ ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ گرلز ھاء اسڪول مٺياڻي ۾ عربيءَ جي ماسترياڻي 52 سالن جي بيبي فرزانه شاھ ڌيء مرحوم سيد احمد شاھ موقعي تي ئي دم ڌڻيء حوالي ڪيو، جڏھن ته سندس ڀيڻ بيبي ساجده شاھ شديد زخمي ٿي پئي، جنھن کي نازڪ حالت ۾ نوابشاھ اسپتال ڏانھن نيو ويو آھي. حادثي دوران ھڪ ڇھ سالا معصوم نياڻي معجزاڻي طور محفوظ رھي

ھوڏانھن فوتڻ بيبي فرزانه شاھ جو مڙھ مٺياڻيء ۾ سندن رھائشگاھ تي آندو ويو , جتي گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ٻئي طرف واقعي جو اصل ڪارڻ اڃا معلوم نه ٿي سگھيو آھي، جڏھن ته شاھپور جھانيان پوليس ٽرالر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو

About Author

Leave A Reply