ثقافت جا رنگ، ريليون، جھمريون، سرن جي ورکا، محبتن جا ميلا - Eye News Network

ثقافت جا رنگ، ريليون، جھمريون، سرن جي ورکا، محبتن جا ميلا

0

ڪراچي(اي اين اين ايس) سنڌ سميت دنيا جي مختلف علائقن ۾ سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو۔
ان حوالي سان سنڌ جي شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ ريليون ڪڍي تقريبون منعقد ڪيون ويون۔
مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب اڳيان منعقد ڪئي وئي۔

ھوڏانھن نوشهروفيروز ۽ ان جي آس پاس جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن مان سوين رهواسين ثقافت جي ڏينهن کي ڀرپور موٽ ڏني ۽ سڄو شھر ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويو، ھر طرف ننڍا توڙي وڏا پڪا توڙي پوڙها سنڌي ثقافتي ويس پهري مٿي تي ٽوپيون پٽڪا ٻڌي ڪلهن ۾ اجرڪ وجهي سڄو ڏينھن ثقافتي رنگ وکيريندا رھيا، جڏهن ته مک تقريب پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو ٿي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناميارن فنڪارن ضامن حيدر، صداقت وسطڙو ،اديب شاهه ۽ ٻين سرن ۽ سازن سان ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو۔

ريلي جي اڳواڻي اڪبر مورو، بلاول وسڻ، معشوق وڳڻ، گل مورو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. چنه ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پھتي، ڳوٺ بخشو رند مان ڳوٺاڻن جي ريلي ڪڍي جيڪا پريس ڪلب وٽ پھچي ختم ٿي، ڪلھوڙا اسٽيشن کان سماج سڌارڪ عبدالشڪور عباسي جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، سگا شاخ نوشهروفيروز پاران اعظم عالماڻي، مرتضي تڳر جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. عوامي تحريڪ پاران خالد تنيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ٻئي طرف مٺياڻيء ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ ادبي ڌرين مختلف وقتن تي ريليون ڪڍيون ,ان سلسلي ۾ سماجي سنگت مٺياڻي , يوٿ ڪاميٽي مٺياڻي, ڊيووٽرس فورم , جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير قريشي گروپ) ,شھري ايڪشن ڪاميٽي, اين پي پي , پي پي پي ,جي يو آء ۽ ٻين مختلف ڌرين ريلين جي صورت ۾ اچي سنڌڙي چوڪ تي گڏجي ايڪتا جي مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔

ان موقعي تي ھڪ شھري غلام شبير شيخ گلاس جي تري تي دلو رکي ان مٿان گلدستو سجائي مٿي تي رکي ناچ ڪيو۔

About Author

Leave A Reply