استاد ۽ سابق ايس ڊي اي او ڀريا خادم حسين کوکر لاڏاڻو ڪري ويو - Eye News Network

استاد ۽ سابق ايس ڊي اي او ڀريا خادم حسين کوکر لاڏاڻو ڪري ويو

0

مٺياڻي(اي اين اين ايس) مٺياڻيء ويجھو ڳوٺ بچو کوکر جو رھواسي ۽ ناليوارو استاد ۽ سابق ايس ڊي اي او ايڊيوڪيشن تعلقه ڀريا خادم حسين کوکر ڳچ عرصي کان بيماريء ۾ مبتلا رھڻ بعد 85 سالن جي ڄمار ۾ دم ڌڻيء حوالي ڪري ڇڏيو , سوڳ ۾ مٺياڻيء کان ٺاروشاھ ويندڙ لنڪ روڊ تي کوکر بس اسٽاپ وارا سمورا دڪان بند ٿي ويا.
مرحوم مٺياڻي ھاء اسڪول سميت مختلف اسڪولن ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. مرحوم پنھنجي پٺيان ٻه پٽ ۽ پنج نياڻيون سوڳوارن ۾ ڇڏيا آھن، مرحوم کي سندس اباڻي قبرستان ٺٽ ڳوراھو ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو.

About Author

Leave A Reply