ٻيھر جنم مليو تڏھن به شاعر ۽ راڳي ٿيڻ پسند ڪندس: جعفر علي شاهه - Eye News Network

ٻيھر جنم مليو تڏھن به شاعر ۽ راڳي ٿيڻ پسند ڪندس: جعفر علي شاهه

0

نوشھرو فيروز(منظور. ملڪ/ اي این این ایس) ساهتي پرڳڻي جي شاعرن، اديبن سيد جعفر علي شاهه کي ڪافي جو بهترين شاعر ۽ راڳي قرار ڏنو آهي. نامياري راڳي ۽ شاعر سيد جعفر علي شاهه سان پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ رهاڻ رچائي وئي جنهن کي خطاب ڪندي پريل دايي چيو ته سيد جعفر علي شاهه ڪافي جو وڏو شاعر ۽ بهترين راڳي آهي جنهن کي راڳ تي عبور حاصل آهي. هن چيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته شاعري ۾ ڪافي جي صنف مري رهي آهي.
صاحب رھاڻ سيد جعفر علي شاھ چيو ته ھو جيڪو ڪجھ آھي پر پاڻ کي ڪجھ نه ٿو سمجھي. ھن سڄي حياتي راڳ ۽ شاعري جي خدمت ڪندي گذاري آھي. ھو سنڌي ٻولي جو خادم آھي. جيڪر کيس ٻيھر جنم مليو تڏھن به ھو شاعر ۽ راڳي ٿيڻ پسند ڪندو. ھن چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي دوستن جي مھرباني جن کيس مڃتا ڏني آھي ھو ڪڏھن به پاڻ پڏائڻ وارن مان نه رھيو آھي.
نعيم ملڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي آئين ۽ منشور ۾ آهي ته سنڌي ٻولي ۽ راڳ جي خدمتگارن کي مڃتا ڏجي جنهن ڪري سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شاعرن، اديبن، راڳين کي پنهنجي زندگيءَ ۾ مڃتا ڏئي رهي آهي.
شاعر رفيق سيال چيو ته سيد جعفر علي شاه ڪافي جو وڏو شاعر آهي جنهن جي شاعري ۾ جماليات جا عڪس ڪمال جا چٽيل آهن. جيتوڻيڪ ڪافي سنڌ جي ٻين ڪيترن شاعرن لکي آهي پر هن جي ڪافي ۾ فن ۽ فڪر ڀرپور آهي. مختيار علي شاهه چيو ته جعفر علي شاهه شاعر ۽ راڳي سان گڏ فقير صفت انسان آهي. هو ٻولي ۽ راڳ جو خاموش خدمتگار آهي. مظهر خاصخيلي چيو ته سيد جعفر علي شاهه بنا لالچ لوڀ جي سنڌي ٻولي ۽ ادبي جي خدمت ڪئي آهي جنهن ڪري هو سدائين پيرين اگهاڙي رهيو آهي.
ان موقعي تي زاهد راڄپر، پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر يونس راڄپر، نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جي صدر زاهد قائمخاني، غلام علي عامر، مرتضي ڦل، شريف سومرو، سڪندر جروار، پير شمس ۽ ٻين خطاب ڪندي سيد جعفر علي شاهه کي سندس ادبي ۽ راڳي خدمتن تي ڀرپور ڀيٽ پيش ڪئي، جڏهن ته ننڍڙي فنڪار ضامن حيدر، عنايت علي پنهيار، محرم چنه، گل بهار مري سرن ۽ سازن کي ڇيڙي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

About Author

Leave A Reply