ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا:سنڌ ۾ قومي تحريڪن خلاف رياستي آپريشن اڄ به جاري آهن، هاشم کوسو ۽ ٻيا - Eye News Network

ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا:سنڌ ۾ قومي تحريڪن خلاف رياستي آپريشن اڄ به جاري آهن، هاشم کوسو ۽ ٻيا

0

نوشهروفيروز (رپورٽ: منظور ملڪ/اي این این ایس) ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ڏهاڙي تي امان الله وسطڙو جي مزار تي مختلف قوم پرست پارٽين جي ڪارڪنن جٿن جي صورت ۾ گلن جي چادر چاڙهي حاضري ڀري. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي محمد هاشم کوسو، جيئي سنڌ تحريڪ جي ضلعي صدر ابرار ميمڻ، مير عبدالرحمان، سجاد ماڇي، عامر، نويد نظام، ساگرو وسطڙو، ثابت وسطڙو، جسقم آريسر جي اشرف لغاري، غلام نبي گهانگهرو، جسقم جي ڪارڪنن ۽ ٻين شهيد کي ڀيٽا ڏيندي چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ تي اهلڪارن سنڌ امڙ کان پنج پٽ جدا ڪيا. اڄ به سنڌ ۾ قومي تحريڪن خلاف رياستي آپريشن جاري آهي، جنهن تحت سنڌ مان سئو سيڪڙو قومي ڪارڪن، اديب، دانشور کنڀي گم ڪيا پيا وڃن. اهڙي عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.
هنن چيو ته شهيد قومن جو ورثو هوندا آهن جيڪا قوم پنهنجن شهيدن کي وساري ڇڏيندي آهي اها قوم گهڻو وقت هلي ناهي سگهندي اسان شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ شهيدن جون قربانيون ضرور رنگ لائينديون.
ياد رھي ته 17 آڪٽومبر 1984 تي مبينا طور سيڪورٽي اھلڪارن جي فائرنگ ۾ 5 نوجوان زڪريا ميمڻ، مالڪ خشڪ، مٺو بليدي، امان الله وسطڙو ۽ انور عباسي شھيد ٿي ويا ھئا ۽ ڪافي تعداد ۾ ڪارڪن گرفتار ڪري بعد ۾ پنجن کان ڇھن ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.

About Author

Leave A Reply