سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار خلاف نوشھروفيروز ۾ مظاھرو - Eye News Network

سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار خلاف نوشھروفيروز ۾ مظاھرو

0

نوشھروفيروز(اي این این ایس) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ايس يو پي جو مھر وسطڙو، خادم سيال، ايس ٽي پي جو حبيب مشوري، اسد چانڊيو، پ پ شھيد ڀٽو جو خالد چانڊيو، بشارت کوسو، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ جي ڏنگي ۽ ٻنڊار ٻيٽن مٿان وفاق جي والار نعريبازي ڪندي چيو ته سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ون يونٽ جي ڪڙي ۽ 18هين ترميم جي ڀڃڪڙي آهي.
هنن چيو ته سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءء وفاق پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اهڙيون سازشون ڪندو پيو اچي سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ وفاق مختلف بهانا ڪري سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا معدني وسيلا اڳ ئي غيرقانوني طور پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري چڪو آهي هاڻ وري سنڌ جا ٻيٽ به غير قانوني طريقي سان پنهنجي قبضي هيٺ ڪرڻ چاهي ٿو پر اهڙا سنڌ دشمن منصوبا سنڌ جا ڌرتي ڌڻي ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
سنڌ اسيمبلي جا ميمبر سنڌ جي نمائندگي جو ثبوت ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءَ پاس ڪري ٻيٽن واري صدارتي آرڊِيننس کي رد ڪن نه ته ٻي صورت ۾ کين اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

About Author

Leave A Reply