مٺياڻي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گذريل ٻن ڏينھن کان بجلي غائب، شھرين، سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران احتجاج جو چتاء - Eye News Network

مٺياڻي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گذريل ٻن ڏينھن کان بجلي غائب، شھرين، سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران احتجاج جو چتاء

0

مٺياڻي (اي اين اين ایس) مٺياڻي شھر ۽ ڀرپاسي جي اٽڪل 100 ڳوٺن ۾ گذريل ٻن ڏينھن کان مڪمل طور بجلي غائب، شھر جا دڪاندار ۽ رھواسي سخت پريشان، شھرين  سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران ڪاروبار بند ڪري نيشنل ھاء وي نوشھرو فيروز جي باء پاس کي بلاڪ ڪرڻ جو چتاء
خبرموجب مٺياڻي شھر ۽ ان جي ڀرپاسي جي اٽڪل 100 کان وڌيڪ شھرن ۽ ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ احمد بخش مشوري، راضي خان چانڊيو، ھارون پنھور، سرائي نياز علي مشوري، سومر خان مشوري، اسماعيل ڪوريجو، ڀرنڊ، جھنڊو خان ڀٽي، ابڙان، خير محمد ٻوھيو ٺٽ ڳوراھو، موليڏنو ماڇي، بچو کوکر ۽ ٻين جي گذريل ٻن ڏينھن کان مسلسل بجلي بند ھئڻ واري عمل خلاف شھرين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن لالا حسن پٺاڻ، علي وقار شيخ، منصور احمد چغتائي، طفيل احمد راجپوت، فياض علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ بجلي بحال ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ھڪ اھم اجلاس شيخ ھائوس مٺياڻيء ۾ ٿي گذريو
ان موقعي تي شھرين، سياسي ۽ سماجي ڌرين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. متاثر رھواسين سيپڪو نوشھروفيروز جي ظلمن خلاف شديد دانھون ڪيون ۽ صحافين کي ٻڌايو ته ٽامي جھڙي گرميء ۾ بجلي بند ڪري کين موت جي ور چاڙھيو ويو آھي, بجلي جي نه ھجڻ ڪري معصوم ٻارڙا , پيرسن عورتون ۽ مرد گرمي وگھي تڙپي رھيا آھن. پاڻي ۽ اٽي جي کوٽ شديد ٿي وئي آھي ۽ ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿيو آھي، جنھنڪري ڪيترائي ڪاروباري ماڻھو پنھنجا ڪاروبار ڀرپاسي جي شھرن مورو ,نوشھرو فيروز ۽ ٺاروشاھ ڏانھن منتقل ڪري چڪا آھن, جڏھن ته سيپڪو نوشھروفيروز پاران ڳرن ۽ ڊڊڪشن وارن بلن جي ادائگي ڪرڻ جي باوجود ھٿرادو فالٽ ڄاڻائي بجلي بند ڪري سندن زندگي تنگ بڻائي وئي آھي

آخر ۾ ھنن چتاء ڏيندي چيو آھي ته جيڪڏھن فوري طور مٺياڻي ۽ ان جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ھو مجبور ٿي عوام سان گڏ نوشھرو فيروز نيشنل ھاء وي ( باء پاس ) بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ويھندا

About Author

Leave A Reply