صالح پٽ جي شاگردياڻين ۾ ماسڪ ۽ صابڻ ورھايا ويا - Eye News Network

صالح پٽ جي شاگردياڻين ۾ ماسڪ ۽ صابڻ ورھايا ويا

0

صالح پٽ(اي این این ایس) صالح پٽ ۾ ناري فائونڊيشن طرفان گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول صالح پٽ جي شاگردياڻين ۾ ماسڪ ۽ صابڻ ورھايا ويا. انڊس ڪنسورشيم ۽ آڪسفيم جي سهڪار سان ناري فائونڊيشن اسڪولي شاگردياڻين کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ لاء ماسڪ ۽ صابڻ جو استعمال ڪرڻ جو طريقي ڪار ٻڌايو
ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر هائير سيڪنڊري حافظ شهاب الدين انڍڙ، ناري فائونڊيشن جي انور علي مهر، فنڪشنل مسلم ليگ ليڊيز ونگ سکر اڳواڻ ڪوثر پروين، اسڪول انچارج سونيا، رحيم بخش مهر، غلام حسين ڀنڀرو، رانجهن شنباڻي شرڪت ڪئي

حافظ شھاب الدين انڍڙ اسڪولن ۾ ڪورونا وائرس جي بچاء لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته اسڪول جي شاگردياڻين کي محفوظ رهڻ لاءِ بهتر اپاءَ ورتا آهن اسان اهڙي عمل کي ڀليڪار ڪيون ٿا

About Author

Leave A Reply