مورو ۽ آس پاس ۾ 9 ڦر ۽ 3 چورين جون وارداتون - Eye News Network

مورو ۽ آس پاس ۾ 9 ڦر ۽ 3 چورين جون وارداتون

0

مورو (اختر لغاري / اي این این ایس) مورو ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ٻن ڏينهن دوران 9 ڦر ۽ 3 چورين جي لکين روپين جون وارداتون, علائقي ۾ خوف ۽ حراس ماڻهو غير محفوظ بڻجي ويا.
خبر موجب ٽمور پوليس چوڪي جي سامهون معشوق علي لغاري جي موبائلن جي دوڪان کي کاٽ هڻي 6 لکن جو سامان چوري ڪري ويا شهر جي سچل ڪالوني ۾ سانوڻ لغاري جي گھر کي کاٽ هڻي ڏاج جو سامان سونا زيور روڪ رقم چوري ڪري ويا جنهن جي ماليت ساڍا 6 لک روپيه ٻڌائي وڃي ٿي مورو دادو روڊ دادواه وٽ نامعلوم هٿياربندن شاھ نوراني جي زائرين جي وين کي روڪي روڪ رقم موبائل فونون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا.
جنسار سولنگي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا مسرور احمد ڪوريجو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا شهاب الدين عالماڻي کان پرڻ وٽ موٽر سائيڪل موبائل فون پئسه ڦر ڪري ويا ڳوٺ ولي محمد ڀنڀرو وٽ غوث علي شاهه کان موبائل فون ۽ هڪ هزار روپيه ڦر ڪري ويا دورو بھڻ وٽ عنايت الله ملاح کان موٽر سائيڪل موبائل فون ۽ پئسه ڦر ڪري ويا نوان جتوئي روڊ تان بسڪوٽن جو واپار ڪندڙ عارف علي ميمڻ کان 38 هزار ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا شاگرد جواد سھتو جي شهر جي ڪمپيوٽر سينٽر تان موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي.
مورو جي درس روڊ تان عامر علي آرائين کان هٿياربند 3 لک 30 هزار روپيه ڦر ڪري ويا. هن مهل تائين پوليس هنن ڏوهن جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ڏوهن جون وارداتون وڌنديون پيون وڃن ماڻهن ۾ خوف جي فضا ڇانئجي وئي آهي.

About Author

Leave A Reply