مٺياڻي لڳ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اسدالله جي حڪم تي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي - Eye News Network

مٺياڻي لڳ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اسدالله جي حڪم تي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي

0



 مٺياڻي(اي اين اين) پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ جي صدر صوبدار علي مشوري، ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر اسد اللہ ڪلھوڙي سان ملاقات ڪري ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائڻ جي گھر ڪئي ھئي، جنھن کي مان ڏيندي ڳوٺ نياز علي مشوري ۾ ڊاڪٽر سجاول مشوري سان گڏ ميڊيڪل اسٽاف ۽ نيو ٽريشن ٽيم پھچي مفت ميڊيڪل ڪيمپ ڏني جنھن ۾ ڊاڪٽرن سوين مريضن جو طبي معائنو ڪري دوائون ڏنيون.
ان موقعي تي شاھنواز مشوري، ٽائون ڪائونسلر مظھر خان مشوري ڀرپور تعاون ڪيو ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون. جسٽس آف پيس لالا حسن پٺاڻ، صدر صوبدار علي مشوري، شاھنواز خان مشوري، مظھر خان مشوري جو چوڻ ھو ته ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز ڊاڪٽر اسد اللہ ڪلھوڙي جا ٿورا، جنھن غريب مسڪينن جي ضرورت سمجھي ميڊيڪل ڪيمپ ڏني، جنھن ھن اھڙي ڏکي صورتحال ۾ بہ تمام بھترين ڪم ڪيو آھي



About Author

Leave A Reply