خيرپور جو جوڙو تحفظ لاءِ دربدر، جوابدارن خلاف قدم کڻڻ جو مطالبو - Eye News Network

خيرپور جو جوڙو تحفظ لاءِ دربدر، جوابدارن خلاف قدم کڻڻ جو مطالبو

0

نوشھرو فيروز(اي اين اين) پسند جي شادي ڪرڻ ڏوھ بڻجي ويو، جوڙو تحفظ لاء ميڊيا وٽ پھچي ويو. تفصيل موجب خيرپور ميرس جي رھواسي جوڙي نازيہ بيبي ۽ عرفان علي پاران جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تي ڪنوار جا ويجھا عزيز مڇرجي پيا آھن ۽ کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي نوشھرو فيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دانھيو تہ ھرھڪ شاھد آرائين، نديم، عرفان، فريد، ناصر، سلامت، واصف، نيامت، خادم، خالد ۽ لياقت آرائين مڇرجي کين مارڻ لاء ھٿيار کڻي گھمي رھيا آھن ۽ کين خطرو آھي تہ جوابدار ڪارنھن جو الزام ھڻي جوڙي کي قتل ڪري ڇڏيندو.

نازيہ بي بي ۽ عرفان علي عدالت م پڻ تحفظ لاء درخواست داخل ڪندي اعليَ اختيارين کان تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آھي.

About Author

Leave A Reply