نوشهرو فيروز ٽائون ڪاميٽي ملازمن ۽ انتظاميه ۾ ڳالھيون ڪامياب، 19 مطالبا منظور - Eye News Network

نوشهرو فيروز ٽائون ڪاميٽي ملازمن ۽ انتظاميه ۾ ڳالھيون ڪامياب، 19 مطالبا منظور

0

 نوشهرو فيروز (رپورٽر/ای این این) ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز جي ملازمن ۽ انتظاميه ۾ ڳالھيون ڪامياب، 19 مطالبا حل ٿيڻ بعد ملازمن ٻھارا ڇڏ ھڙتال ختم ڪري شھر ۾ صفائي وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آھي

ٽائون ملازمن ۽ انتظاميه وچ ۾ ڳالهيون ضلعي بار ايسوسيئيشن جي عھديدارن صدر عبدالرحيم عباسي، لالا حسن پٺاڻ ۽ ٻين وچ ۾ پئي مڪمل ڪرايون . انتظاميه پاران ٽائون ڪاميٽيءَ جو ايڊمنسٽريٽر شاھد حسین سرڪي، شجرالدین صدیقی جڏھن ته ٽائون ملازمن مان ڪشن راجا، مولا بخش شيخ، منظور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ملازمن جا 19 ئي مطالبا جائز قرار ڏيندي مسئلا لکت ۾ حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنھن مطابق ھر پگھار تي 40 ملازمن جي پگھار 20 سيڪڙو وڌائي ويندي، پينشنر ملازمن جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ملازمن کي آڪسيجن ماسڪ ۽ سيلينڊر فراھم ڪيا ويندا، سروس بوڪ سنڀاليندڙ ڪلارڪ کي ھٽائي ان جي جاءِ تي سروس بوڪ ٻئي ڪلرڪ انیل حوالي ڪيا ويندا، سميت سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. انتظاميه سان لکت ۾ ٺاھ ٿيڻ بعد ملازمن ھڙتال ختم ڪري سڄي شھر ۾ صفائي وارو عمل ھنگامي بنيادن تي شروع ڪري ڇڏيو آھي

About Author

Leave A Reply