ايس ٽي پي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ گمشدگي خلاف احتجاجي مظاھرو - Eye News Network

ايس ٽي پي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ گمشدگي خلاف احتجاجي مظاھرو

0

 مٺياڻي (ای این این) سنڌ ترقي پسند پارٽي يونٽ مٺياڻي طرفان ايس ٽي پي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ گمشدگي، نوابشاھ پوليس جي جبر خلاف مين چوڪ تي ضلعي اڳواڻ حبيب مشوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو۔
مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ 30 آگسٽ تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ريلي مٿان سرڪاري ڌر جي ماڻھن حملو ڪيو پوليس انھن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي، ابتو سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪري گرفتاريون شروع ڪيون۔
ايس ٽي پي ڪارڪن حيدرآباد ھائي ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي موٽيا تہ نوابشاھ پوليس بلاجواز ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي۔
ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو تہ اسان جي ڪارڪنن کي ڪجھ بہ ٿيو تہ ان جي ذميوار نوابشاھ پوليس ھوندي۔

About Author

Leave A Reply