نوشهروفيروز:بينظيرانڪم سپورٽ(احساس ڪفالت)پروگرام جي ٽه ماهي قسط سومر کان مستحق عورتن ۾ ورهائي ويندي، ڊي سي بلال شاهد راؤ - Eye News Network

نوشهروفيروز:بينظيرانڪم سپورٽ(احساس ڪفالت)پروگرام جي ٽه ماهي قسط سومر کان مستحق عورتن ۾ ورهائي ويندي، ڊي سي بلال شاهد راؤ

0

 نوشهرو فيروز(ای این این ایس) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ڪيپٽن ريٽائرڊ بلال شاهد راؤ هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته  12 اپريل 2021 سومر کان نوشهروفيروز ضلعي جي بينظيرانڪم سپورٽ (احساس ڪفالت) پروگرام جي مستحق عورتن ۾ ٽه ماهي قسط ورهائي ويندي 

ان سلسلي ۾ ضلعي ۾ قائم مرڪزن کان علاوه  تعلقي ڀريا ۾گورنمنٽ هائي اسڪول ٺاروشاه کي تبديل ڪري گورنمنٽ بوائز اردو اسڪول ٺارو شاهه ۾ قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مورو جي مرڪز گورنمنٽ گرلز ماروي ڪالج کي ختم ڪيو ويو آهي۔ رقم جي ورھاست دوران امن و امان قائم رکڻ ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا دستا مقرر ڪيا ويندا

About Author

Leave A Reply