ڪتن جي ماڻھن کي ڏاڙھڻ واري ڪيس ۾ رتو ديرو ۽ جامشورو جي ايم پي ايز جي ميمبر شپ معطل ڪرڻ جو حڪم - Eye News Network

ڪتن جي ماڻھن کي ڏاڙھڻ واري ڪيس ۾ رتو ديرو ۽ جامشورو جي ايم پي ايز جي ميمبر شپ معطل ڪرڻ جو حڪم

0

سکر(اي این این ایس) سنڌ ھاء ڪورٽ سکر بئنچ ڪتن جي ماڻھن کي ڏاڙھڻ واري ڪيس ۾ لکت وارو فيصلو جاري ڪندي ڄامشوري ۽ رتو ديرو جي ايم پي ايز جي ميمبر شپ معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي. سنڌ هاء ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس فهيم احمدصديقي ماڻھن کي ڪتن جي ڏاڙھڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اشارو ڏنو هو ته ايم پي ايز جي ميمبر شپ معطل ڪري سگهجي ٿي. ان ٻڌڻي بعد عدالت لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي. جنهن ۾ عدالت سڳوري چيو آھي ته عدالت واضح طور حڪم ڏنو هو ته چونڊيل ايم پي ايز پنهنجي تڪن ۾ ڪتن مارڻ واري مهم جي نگراني ڪن ۽ جنهن تڪ ۾ ڪتي ماڻھو کي ڏاڙھيو اتان جو ايم پي اي ان جو ذميوار هوندو پر چونڊیل ميمبرن ان پاسي ڌيان نه ڏنو ۽ ڪتن جي ڏاڙھڻ وارا واقعا جئين جو تئين برقرار رهيا.

سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري به ان پاسي ڪو ڌيان نه ڏنو. رتو ديرو ۽ ڄامشورو جي ايم پي ايز  جي اسيمبلي ميمبر شپ معطل ڪجي ٿي. عدالت سنڌ اسيمبلي ۽   اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته بنادير رتوديرو ۽ ڄامشورو جي ايم پي ايز جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. عدالت چتاء ڏنو ته ٻيا ايم پي ايز آرڊر تي عمل ڪندي ڪتا مار مهم جي نگراني ڪن ٻي صورت ۾ جنهن هنڌ ڪتي ڏاڙھڻ جو واقعو  ٿيو ان تڪ جي ايم پي اي جي ميمبر شپ معطل ڪئي ويندي. عدالت جي حڪم ڏنل تڪن مان رتوديرو تڪ تان فريال ٽالپر ۽ ڄامشورو جي 3 تڪن  تان سيد مراد علي شاھ، ملڪ اسد سڪندر ۽ گيانچند ايسراڻي ايم پي ايز آھن. عدالت مڪاني ادارن ۽ صحت جي سيڪريٽريز کي حڪم ڏنو ته اهي ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿي روزاني جي بنياد تي ڪتن ڏاڙھڻ ۽ ڪتن مارڻ بابت تفصيلي رپورٽ ڏين. سيڪريٽري صحت هر سرڪاري اسپتال آر ايڇ يو بي ايڇ يو ۽ ڊسپنيسريز ۾ ڪتن ڏاڙھڻ واري ويڪسين جي موجودگي يقيني بڻائي ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته ڪهڙي اسپتال ۾ ڪيترا وائل موجود آھن. سنڌ هاء ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ڪتن ڏ اڙھڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 31 مارڇ تي ٿيندي.

About Author

Leave A Reply