مٺياڻي: ٻارڙن جي ڳالھ تان جھيڙو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٽي ڄڻا زخمي - Eye News Network

مٺياڻي: ٻارڙن جي ڳالھ تان جھيڙو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٽي ڄڻا زخمي

0

مٺياڻي(اي این این ایس) مٺياڻيء ويجهو ڳوٺ رحيم خان مشوري ۾ ٻارڙن پاران ھڪ ٻئي جي گھرن ۾ سروٽا اڇلائڻ واري معمولي ڳالھ  تان مشوري برادريء جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ھڪ ڌر جو شيرعلي مشوري ۽ ٻي ڌر جا عرفان علي ۽ دلدار علي مشوري سخت زخمي ٿي پيا۔ اطلاع ملڻ تي  ٻنهي ڌرين جا مائٽ  موقعي تي پهچي ويا  ۽ سڀني زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻيء ۾ داخل ڪرايو، جڏهن ته سڀني زخمين کي  مٺياڻي اسپتال ۾  فرسٽ ايڊ ڏيڻ کانپوء سول اسپتال نوشھروفيروز ڏانھن ريفر ڪيو ويو آھي۔

مٺياڻي پوليس ٻنھي ڌرين جي فرياد تي سندن اين سي رپورٽون داخل ڪري ڇڏيون آھن۔مٺياڻي: ٻارڙن جي ڳالھ تان جھيڙو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٽي ڄڻا زخمي
مٺياڻي(اي این این ایس) مٺياڻيء ويجهو ڳوٺ رحيم خان مشوري ۾ ٻارڙن پاران ھڪ ٻئي جي گھرن ۾ سروٽا اڇلائڻ واري معمولي ڳالھ تان مشوري برادريء جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ھڪ ڌر جو شيرعلي مشوري ۽ ٻي ڌر جا عرفان علي ۽ دلدار علي مشوري سخت زخمي ٿي پيا۔ اطلاع ملڻ تي ٻنهي ڌرين جا مائٽ موقعي تي پهچي ويا ۽ سڀني زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻيء ۾ داخل ڪرايو، جڏهن ته سڀني زخمين کي مٺياڻي اسپتال ۾ فرسٽ ايڊ ڏيڻ کانپوء سول اسپتال نوشھروفيروز ڏانھن ريفر ڪيو ويو آھي۔
مٺياڻي پوليس ٻنھي ڌرين جي فرياد تي سندن اين سي رپورٽون داخل ڪري ڇڏيون آھن۔

About Author

Leave A Reply