ڪنڊيارو مان ڪرڪيٽر لياقت پولو جي اغوا خلاف مظاھرو - Eye News Network

ڪنڊيارو مان ڪرڪيٽر لياقت پولو جي اغوا خلاف مظاھرو

0

نوشهروفيروز(اي این این ایس)
ڪنڊيارو مان ڪرڪيٽ جي نامياري رانديگر جي مبينه اغوا خلاف نوشهروفيروز ۾ رانديگرن پاران احتجاج ڪيو ويو. ڪرڪيٽ رانديگر لياقت پولو کي ھڪ ڏينھن اڳ مبينه طور تي اغوا ڪيو ويو جنھن جي اغوا خلاف رانديگرن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ رانديگر جي اغوا خلاف نعره ھنيا۔
ان موقعي تي ڪرڪيٽ رانديگرن اسلم عالماڻي، مجيد خانزاده، سيد بابر شاھ، سيد اظفر شاھ، منان راجپوت، لارا لاشاري، ڪيف سھتو، سھيل راڄپر ۽ ٻين چيو تہ لياقت پولو سنڌ اندر ڪرڪيٽ جي بھترين ۽ ناميارو رانديگر آھي جنھن کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. پر پوليس اڃا تائين ڪرڪيٽ رانديگر جي بازيابي لاءِ ڪابه پيش رفت ناھي. ھنن چيو ته رانديگر لياقت پولو کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. ھنن چتاءُ ڏنو ته رانديگر کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو

About Author

Leave A Reply