صالح پٽ ۽ پنوعاقل جي آبادگارن پاران سِم، ڪلر، نقلي ٻج ۽ نقلي دوائون زراعت جي تباهي جو مک ڪارڻ قرار - Eye News Network

صالح پٽ ۽ پنوعاقل جي آبادگارن پاران سِم، ڪلر، نقلي ٻج ۽ نقلي دوائون زراعت جي تباهي جو مک ڪارڻ قرار

0

سکر(اي این این ایس) صالح پٽ ۽ پنوعاقل جي آبادگارن سِم ڪلر، نقلي ٻج ۽ نقلي دوائن کي زراعت جي تباهي جو مک ڪارڻ قرار ڏيندي سرڪار کي زراعت ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي گُهر ڪئي آهي. ناري فائونڊيشن پاران آواز فائونڊيشن، وي ايس او ۽ يوڪي ايڊ جي سهڪار سان خوراڪ جي پيداوار، کپت ۽ استعمال جي سري هيٺ صالح پٽ ۽ پنوعاقل جي مختلف ڳوٺن ۾ هارين ۽ هارياڻين سان صلاحڪاري گڏجاڻيون ڪيون ويون. گڏجاڻين ۾ ويچار ونڊيندي هارين ۽ هارياڻين آچر، ضمير حسين، مومل، حاجران، شازيا ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ خاص طور تي سکر ڊويزن ۾ نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ ٻيون زرعي دوائون وڪرو ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعي ۾ زراعت تباهي ڪناري پهچي وئي آهي، روهڙي، صالح پٽ، ڏهرڪي ۽ ميرپور ماٽيلو ۾ جعلي زرعي دوائن جا ڪارخانا قائم ٿيل آهن، زراعت کاتي جا عملدار جعلي زرعي دوائون ۽ ٻج کپائيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي بدران لکين رپيا ڀتو وٺن ٿا۔

هنن چيو ته جعلي زرعي دوائن ۽ ٻج جي استعمال سبب گذريل سال صالح پٽ ۽ پنوعاقل ۾ 70 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويا، شڪايتن باوجود زراعت کاتي پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو، هارين ۽ هارياڻين وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ جيان صالح پٽ ۽ پنوعاقل تعلقن ۾ پنجاب مان ڇوڙ ٿيندڙ زهريلي پاڻي سبب سِم ۽ ڪلر زرخيز زمينن کي بنجر بڻائيندي پئي وڃي. پر اختيار ڌڻي ان تباهي طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن۔
ان موقعي تي ناري فائونڊيشن جي چيئرپرسن افشان اصغر ۽ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر انور علي مهر، وي ايس او جي پراجيڪٽ آفيسر سجيل نظير ۽ ڪميونيڪيشن آفيسر اديلا بتول چيو ته هلندڙ سال سيپٽمبر مهيني ۾ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ عالمي خوراڪ ڪانفرنس ٿي رهي آھي، جنهن ۾ سڀ ملڪ متوازن ۽ بهتر خوراڪ جي پيدائش، کپت، استعمال ۽ تحفظ لاء تجويزون پيش ڪندا. ان ئي سلسلي ۾ هن گڏجاڻي جون تجويزون گڏ ڪري حڪومت آڏو رکيون وينديون جئين خوراڪ جي اسٽيڪ هولڊرس جو آواز اتي پهچي سگهي. هنن چيو ته زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، سرڪار جو ان طرف ڌيان نه ڏيڻ افسوسناڪ آهي۔ هنن مطالبو ڪيو ته جعلي زرعي دوائن ۽ ٻج جي وڪري جي روڪٿام ڪري سِم ۽ ڪلر کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن

About Author

Leave A Reply