مٺياڻي:شاگرد سان ڏاڍائيء جو جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن جو احتجاج - Eye News Network

مٺياڻي:شاگرد سان ڏاڍائيء جو جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

0

مٺياڻي(اي این این ایس) مٺياڻيء ۾ پنجين ڪلاس جي شاگرد سان مبينا طور ٿيل ڏاڍائيء کي ٻه ڏينھن گذرڻ جي باوجود اڃا ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن جو جوابدار جي گرفتاريء لاء ٻئي ڏينھن به احتجاج، خبر موجب مٺياڻي شھر جي ابجي محلا جي رھواسي پنجين ڪلاس جي شاگرد 12 سالا (ت – ح) کي ساڳي محلي جي رھواسي وزير علي گاڏھيء پاران مبينا طور ڏاڍائيء جو شڪار بنائڻ واري واقعي کي ٻه ڏينھن گذرڻ جي باوجود پوليس پاران جوابدار جي گرفتاريء جي سلسلي ۾  اڃا تائين ڪا به پيش رفت ناھي ڪئي وئي۔

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ ڪوٽ مٺا اڪرم علي جانوري ٻڌايو ته جوابدار جي گرفتاريء لاء مختلف جاين تي ڇاپا ھنيا آھن، تمام جلد جوابدار گرفتار ڪنداسين ھوڏانھن رورل ھيلٿ سينٽر مٺياڻيء جي اي ايم ايس ڊاڪٽر غلام الرسول سولنگيء رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪئي وئي آھي، جڏھن ته سندس جزا چڪاس لاء روھڙي لیبارٽريء ڏانھن اماڻيا ويا آھن۔

ٻئي پاسي متاثر نينگر جي ڀائرن ۽ مائٽن ساجد علي، ماجد، جمشيد علي، امجد، محسن، رياض ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي ھنن چيو ته  اسانجي مٿان جوابدار ڌر سان ٺاھ لاء وڏو دٻاء وڌو ويو آھي۔ آخر ۾ ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ ۽ آء جي پولیس سنڌ کان جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي

About Author

Leave A Reply