پوليس کاتي کي 30 سال ڏيندڙ انسپيڪٽر عبدالله اعواڻ جي رٽائرمينٽ تي آجياڻو - Eye News Network

پوليس کاتي کي 30 سال ڏيندڙ انسپيڪٽر عبدالله اعواڻ جي رٽائرمينٽ تي آجياڻو

0

نوشهروفيروز (اي این این ایس) پوليس کاتي کي 30 سال ڏيندڙ انسپيڪٽر عبدالله اعواڻ جي رٽائرمينٽ تي ايس ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري پاران پوليس لائين ۾ کيس الوداعي آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ پوليس آفيسرن، وڪيلن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي خطاب ڪندي الطاف حسين لغاري چيو ته پوليس ۾ جتي ڪاريون رڍون موجود آهن اتي دلير ۽ بھادر ۽ جانثار فرض شناس آفيسر به آھن جيڪي عوام جي جان، مال، عزت ۽ آبرو جي حفاظت لاءِ پنھنجي جانين جو نذرانو به ڏيڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا آهن. ھن چيو ته عبدالله اعواڻ نوڪري دوران ڪيترن ئي بدنام ڏوھارين کي منتقي انجام تائين پهچايو ۽ ھو شھادت کان بچي غازي بڻجي ويو. جنھن ڪري سندس اعزاز ۾ اھا الوداعي تقريب رکي وئي آهي. تقريب کي ڊي ايس پي اعجاز علی ميمڻ، ڊي ايس پي عبدالرسول عباسي، يار محمد رند، عبدالله لاکير، عبدالستار اڄڻ، ضلع بار ايسوسيئيشن جي صدر عبدالرحیم عباسی ۽ جنرل سيڪريٽري اياز مري ۽ ٻين خطاب ڪيو
جڏھن ته ان موقعي تي رٽائر ٿيندڙ انسپيڪٽر کي پوليس آفيسرن اجرڪ، سنڌي ٽوپين سميت مختلف تحفا پيش ڪيا

About Author

Leave A Reply