نوشهروفيروز ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف احتجاجي مظاهرو - Eye News Network

نوشهروفيروز ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف احتجاجي مظاهرو

0

نوشهروفيروز(اي این این ایس) ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود به نوشهروفيروز جي ڊاڪٽر ۽ وڪيل ڀائرن اسود ۽ اسلم ڪوريجو جي گھر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا آھن۔ ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ۽ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف سياسي، سماجي تنظيمن، شھرين پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ بدامنيءَ خلاف نعري بازي ڪري رھيا ھئا.
ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سرور سنڌي، خالد تنيو، ايس يو پي اڳواڻن مھر وسطڙو، اسلم علي ڪوريجو، جام نظر محمد، تعلقي صدر عبدالستار پٺاڻ، پي ٽي آئي اڳواڻ امان قاضي، زبير ڪوريجو، عامر بروھي ۽ ٻين چيو ته پوليس ڊاڪٽر اسود ۽ وڪيل اسلم ڪوريجو جي گھر مان ڌاڙو ھڻندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. جڏھن تہ ضلع ۾ بدامنيءَ جي باھ ٻري رھي آھي، ڦرون، ڌاڙا ۽ چورين جا واقعا وڌي ويا آهن. بدامنيءَ سبب شھري غير محفوظ بڻيل آهن پر پوليس سڪون جي ننڊ ستل آهي ۽ فقيرن کي پڪڙي انھن خلاف ڪيس داخل ڪري خانه پوري ڪري رھي آھي. ھنن چيو ته ڊاڪٽر ۽ وڪيل ڀائرن جي گھر مان ڌاڙو ھڻندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦريل رقم ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

About Author

Leave A Reply