“مٺياڻي کي ڊگري ڪاليج ڏيو”يوٿ ڪاميٽي جو مظاھرو - Eye News Network

“مٺياڻي کي ڊگري ڪاليج ڏيو”يوٿ ڪاميٽي جو مظاھرو

0

نوشھروفیرو(اي این این ایس) مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي طرفان پريس ڪلب نوشھروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، فياض شيخ، رحمان سولنگي، فاروق سولنگي عمران پنهور، جميل سولنگي جي اڳواڻي ۾ ميمبرن، شاگردن، استادن و ڪيلن ۽ شهرين شرڪت ڪئي۔ انھن جو چوڻ ھو تہ مٺياڻي ۾ ڊگري ڪاليج نہ ھجڻ ڪري غريب ماڻهن جا ٻار اڳتي نہ پيا پڙھي سگھن ۽ ڊگري ڪاليج نہ ھجڻ ڪري اسان جي ٻارن کي پڙھڻ لاءِ پري سفر ڪري وڃڻو پوندو آھي۔

انھيءَ ڪري اسان کي پنهنجي شھر مٺياڻي ۾ ڊگري ڪاليج ڏنو وڃي ۽ اھيو پڻ چيو ويو تہ اسان مسلسل ڪجھہ مھينن کان احتجاج ڪندا پيا اچون۔
احتجاج ڪندڙن وزير اعليٰ سنڌ سید مراد علي شاه، تعلیم جي وزير سعيد غني ۽ تڪ جي ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو کان گُهر ڪئي تہ مٺياڻي کي ڊگري ڪاليج ڏئي شاگردن جو مستقبل سنواريو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Author

Leave A Reply