مٺياڻيء ۾ انڪروچمينٽ ڄاڻائي صحافيء جي ڀت ۽ ڪمرو ڊاھي پٽ، صحافين جو اجلاس طلب - Eye News Network

مٺياڻيء ۾ انڪروچمينٽ ڄاڻائي صحافيء جي ڀت ۽ ڪمرو ڊاھي پٽ، صحافين جو اجلاس طلب

0

مٺياڻي(رپورٽ: محسن حسن/اي اين اين ايس)مٺياڻيء جي وارڊ نمبر : 5 ۾ صحافي غلام سرور راجپوت جي گھر کي ڏنل ڀت ۽ ڪمرو مبينا طور ٽائون انتظاميه انڪروچمينٽ ڄاڻائي ڊاھي پٽ ڪرائي ڇڏيو , ان سلسلي ۾ ٽائون ڪاميٽي جي سيڪريٽري خير محمد مستوئي ٻڌايو ته ٽائون ائڊمنسٽريٽر جي چوڻ تي ڪارروائي ٿي آھي. ھوڏانھن ائڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي عبدالغفور ڌامراھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آء ذاتي طور مصروف آھيان ھينئر اوھانکي ڪجھ به نٿو ٻڌائي سگھان.
ٻئي پاسي متاثر صحافي غلام سرور راجپوت ٻڌايو ته مون سان ٽائون انتظاميه وڏي زيادتي ڪئي آھي ۽ بنا نوٽس توڙي اطلاع جي اوچتو منھنجي جاء ڊاھي پٽ ڪئي وئي آھي , ھن چيو ته مون وٽ پنھنجي جاء جا ڪاغذ موجود آھن , 60 سال پھرين منھنجي پيء ۽ چاچي گڏيل طور اھو پلاٽ قاضي خير محمد سھتو کان خريد ڪيو ھو , انھيء جاء تي اسانجو ئي قبضو ۽ مالڪي رھي آھي ,آخر ۾ ھن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز کان انصاف ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.
ٻئي طرف مٺياڻي پريس ڪلب جي صحافين مذمت ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو ۽ پريس ڪلب جو اجلاس طلب ڪري ورتو آھي.

About Author

Leave A Reply