مٺياڻيء ۾ صفائيء واري عملي جي پگھارون نه ملڻ خلاف ھڙتال, ڌرڻو, ائڊمنسٽريٽر کي ھٽائڻ جي گھر - Eye News Network

مٺياڻيء ۾ صفائيء واري عملي جي پگھارون نه ملڻ خلاف ھڙتال, ڌرڻو, ائڊمنسٽريٽر کي ھٽائڻ جي گھر

0

مٺياڻي(اي اين اين ايس)مٺياڻيء ۾ صفائيء واري عملي جي پگھارون نه ملڻ ڪري ھڙتال, شھر گندگيء جا ڍير بڻجي ويو، ملازمن پاران مورو-مٺياڻي چوڪ تي ڌرڻو, ائڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽيء کي ھٽائڻ جي گھر۔ مٺياڻي ٽائون ڪاميٽيء ۾ ائڊمنسٽريٽر مقرر ٿيڻ کان وٺي ھيل تائين اٽڪل پنج مھينا گذرڻ کانپوء به ائڊمنسٽريٽر (اسسٽنٽ ڪمشنر نوشھرو فيروز) مٺياڻي ٽائون ڪاميٽيء جو انتظام نوشھروفيروز ۾ ويھي ھلائڻ لڳو، شھر کي نڌڻڪو بڻائي ان جا ماھوار لکين روپيه بجيٽ کي پڻ مبينا طور غائب ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري شھر جي نالن، گھٽين ۽ رستن کي صاف ڪندڙ ملازمن کي ٻه مھينا گذرڻ جي باوجود اڃا کين پگھارون ناھن ڏنيون ويون۔ ان سلسلي ۾ صفائي واري عملي جي رياض احمد، فياض علي شيخ، احسان عرف انب ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاج ڪندي مٺياڻي-مورو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو۔
ان موقعي تي ملازمن پاران ائڊمنسٽريٽر ھٽايو ٽائون بچايو جا نعرا ھنيا ويا۔ ٻئي طرف ھنن ڳالھائيندي چيو ته مٺياڻي ٽائون جي ھر مھيني لکين روپيه بجيٽ اچڻ جي باوجود اسان ٻچڙيوال ۽ غريب ملازمن کي پگھارن کان محروم ڪري اسان کي بک ۽ بدحاليء جو شڪار بڻايو ويو آھي۔
آخر ۾ ھنن سنڌ حڪومت، ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز ۽ ٻين وسوارن کان فوري طور کين پگھارون ڏيارڻ جي گھر ڪئي آھي، ھوڏانھن ملازمن کي پگھارون نه ملڻ ڪري شھر جون اڪثر گھٽيون ۽ ناليون گندگيء جا ڍير بڻجي ويون آھن۔
ٻئي پاسي احتجاج ڪندڙ ملازمن ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو وٽ دانھين ٿيا جنھن ائڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي(اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو نوشھرو فيروز) کي فوري طور ملازمن کي پگھارون ڏيڻ جي ھدایت ڪئي.

About Author

Leave A Reply