مذهب جي تبديلي ۽ ننڍي عمر جا پرڻا- لالا حسن پٺان - Eye News Network

مذهب جي تبديلي ۽ ننڍي عمر جا پرڻا- لالا حسن پٺان

0

سنڌ اندر جڏهن 2013 ۾ ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ لاءِ قانون پاس ڪيو ويو هو ته ان وقت اهو بل پيش ڪندڙ پي پي اڳواڻ ۽ ايم پي اي شرميلا فاروقي ۽ سول سوسائٽي نمائندن پاران اها اميد ظاهر ڪئي وئي هئي ته هاڻي ڪنهن حد تائين ننڍپڻ جي شادين کي روڪي سگهبو، پر وقت گذرڻ سان گڏ ائين نه ٿيو، جيتوڻيڪ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن حد تائين ان رسم کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪوششون تيز ٿيون ۽ ڪجهه واقعن ۾ پوليس جي اعلي! عملدارن اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن سبب تمام گهٽ صحيح پر اهڙين شادين کي روڪيو ويو ۽ ان رسم ملوث جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو پر اها حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ڪنهن کي به سزا ڪونه آئي.
ٻئي طرف سواءِ هڪ يا ٻن واقعن جي باقي سڀني ڪيسن ۾ انهن ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شادين کي جائز قرار ڏنو ويو يا ڏياريو جن مذهب مٽائي مسلمان ڇوڪرن يا مردن سان شاديون ڪيون جن بابت سول سوسائٽي جا اڳواڻ ۽ هندن ۽ عيسائي مذهبن سان تعلق رکندڙ اڳواڻ انهن شادين کي جبري مذهب جي تبديلي چوندا رهيا آهن، جنهن ۾ هڪ مشهور واقعو رنڪل ڪماري جو به هيو، جڏهن ته هڪ ٻئي واقعي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ شاديءَ کي صرف ان لاءِ جائز قرار ڏنو ته اها شادي ٿي چڪي آهي ۽ ان کي ناجائز قرار ڏيڻ سان ڪيئي قانوني سوال اٿي کڙا ٿيندا وغيره.
تازو ئي هڪ عيسائي ڇوڪري آرزو راجا جو ڪيس سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن مبينه طور مذهن تبديل ڪري پسند جي شادي ڪئي آهي جڏهن ته ان جا والدين اهو چئي چڪا آهن ته سندن ڌيءَ کي اغوا ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪئي وئي آهي. هتي اها ڳالهه تمام اهم آهي ته نادرا رڪارڊ موجب آرزو جي عمر 13 سال آهي ۽ سنڌ جي قانون موجب اها شادي نه پر جنسي زيادتي جو ڪيس آهي. سول سوسائٽي پڻ ان واقعي تي سراپا احتجاج آهي.
آرزو جو ڪيس هن وقت ٻن عدالتن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ڪراچيءَ جي سٽي ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. جڏهن ته ڇوڪريءَ کي دارلامان (پناه) موڪليو ويو آهي، جنهن جي نگران جسٽس (ر) ماجدو رضوي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آرزو جي عمر طئي ڪرڻ لاءِ گهرو کاتي کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي جيڪو 9 نومبر تي پنهنجي رپورٽ ڏيندو. ذريعن موجب بورڊ رپورٽ تيار ڪري ڇڏي آهي. اهو عدالت جو اختيار آهي پر اڪثر ڪيسن ۾ عمر طئي ڪرڻ لاءِ نادرا رڪارڊ يا اسڪولي ڪاغذن تي ڀاڙيوويندو آهي پر ڇاڪاڻ ته هي هڪ هاءِ پروفائيل ڪيس آهي ۽ ان ۾ غير مسلم ڇوڪري شامل آهي ان لاءِ عدالت ضروري سمجهيو ته ميڊيڪل بورڊ ذريعي اهو پتو لڳايو وڃي ته ڇوڪري جي عمر 18 سال آهي يا ان کان گهٽ آهي.
اطلاعن موجب آرزو هن وقت تائين پوليس ۽ عدالت سامهون جيڪو بيان ڏنو آهي ان ۾ هن اهو چيو آهي ته کيس اغوا ناهي ڪيوويو ۽ هن پسند سان شادي ڪئي آهي. اهڙو بيان هن سپريم ڪورٽ جي وڪيل ۽ انساني حقن جي اڳواڻ نور ناز آغا سامهون پڻ ڏنو آهي، جتي سندس والدين پڻ موجود هيا. هن وقت سڀ کان اهم سوال ڇوڪري جي عمر طئي ٿيڻ آهي. ڇوڪري جا والدين ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ اهو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ڳجها هٿ ميڊيڪل بورڊ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ مذهب جي نالي تي ان ننڍي عمر جي شادي کي به جائز قرار ڏيارڻ لاءِ دٻاءَ وڌو پيو وڃي.
اهو به عجيب قصو آهي ته سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ خاص ڀور تي پسند جي شادي ڪندڙن کي ”ڪارنهن” جو الزام هڻي قتل ڪيو ويندو رهيو آهي پر جيڪڏهن ڇوڪري غير مسلم هجي ته اهي ساڳيا ”غيرتي” ناچ ڪندي نظر اچن ٿا ۽ اهي مولوي جيڪي اهڙين شادين کي بي حيائي ۽ عرياني سان ڀيٽ ڏيندا آهن، سي به ان جي حمايت ۾ ميدان تي لهي پون ٿا. هاڻي ته اهو رويو بلڪل ان چواڻي موجب آهي ته رهو حرام ۽ ٻوٽي حلال، ڇو ته جيڪڏهن پسند جي شادي غيرت جو مسئلو يا فحاشي آهي ته پوءِ اهو غير مسلم ڇوڪري هجڻ تي صحيح ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اهو جيڪڏهن غلط آهي ته ٻنهي هنڌن تي غلط ٿيندو ۽ جيڪڏهن درست عمل آهي ته به ٻنهي صورتن ۾ درست سمجهيو ويندو پر اسانجي ڪجهه ماڻهن جي ايپروچ ان مسئلي تي رهي ۽ ٻوٽي واري آهي.
منارٽي رائيٽس (مذهبي اقليتن جي حقن) تي ڪم ڪندڙ سفينه جاويد جو چوڻ هو ته آرزو راجا کي اغوا ڪري ان جو برين واش ڪرڻ سان گڏ کيس ڊيڄاريو ويو آهي، ان ڪري هوءَ اهڙا بيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته منظم مافياز ان ڪم تي لڳل آهن ۽ اهي نه رڳو پوليس، ڊاڪٽرن پر عدالتن تي به اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. هن ٻڌايو ته هر سال هڪ هزار کان وڌيڪ نياڻين جو مذهب جبرن تبديل ڪرايو وڃي ٿو ۽ انهن سان شاديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهڙي ظلم جي ڪري ماڻهو سنڌ سميت ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آهن. سفينه سوال ڪيو ته آرزو جي والدين جي شاديءَ کي مس 18 سال ٿيا آهن ۽ هوءَ چوٿين نمبر تي پيدا ٿي آهي سو ڪيئن ٿي 18 سالن جي ٿي سگهي.
هن وقت سڀ نگاهن جو مرڪز سنڌ هاءِ ڪورٽ آهي جنهن کي ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ بعد فيصلو ڪرڻو آهي. ذريعن موجب ميڊيڪل بورڊ جي ليڪ ٿيل رپورٽ موجب آرزو راجا جي عمر 14 کان 15 سال آهي، پر اها تصديق شده تڏهن سڏبي جڏهن سومر تي اها رپورٽ عدالت سامهون پيش ڪئي ويندي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن آرزو جي عمر 18 سالن کان گهٽ آهي ته پوءِ ساڻس شادي ڪندڙ تي نه صرف اغوا پر حبس بيجا، جنسي زيادتي سميت مختلف شقن تحت ڪيس داخل ٿيندو جڏهن ته اغوا جو ڪيس اڳ ئي داخل ٿيل آهي. ان سان گڏوگڏ اهو به اهم سوال آهي ته ڇا انهن وڪيلن، نڪاح پڙهائيندڙ ۽ شاهدن خلاف به ڪارروائي ٿيندي جن ڄاڻندي ڪوڙا ڪاغذ پيش ڪري عدالت کي گمراه ڪري نڪاح ڪرايو؟
جيڪڏهن ماضي تي نظر وجهبي ته ڪنهن به ڏوهاري کي ڪا سزا ناهي ملي، جيتوڻيڪ ڪجهه ڪيسن ۾ ناريون عدالتن معرفت واپس ته ٿيون آهن پر جوابدارن کي ڪا قرار واقعي سزا ناهي ملي، جنهن سبب اهڙا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن.
هوڏانهن سفينه جاويد جو چوڻ هو ته سنڌ اندر ٻه گاديون منظم طريقي سان نارين کي اغوا ڪرائي انهن جو مذهب تبديل ڪرائين ٿيون، ضرورت ان جي ڳالهه آهي ته اهڙين گادين ۽ مافياز خلاف حڪومت سخت قدم کڻي اقليتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
ننڍي عمر جي شادين جي حوالي سان اسان وٽ قانوني طور هڪ ڪنفيوزن اهو موجود آهي ته شرعي قانون ۾ بالغ جي وصف يا عمر مختلف آهي جڏهن ته آئين ۽ ڪنوينشنل لا چوي ٿو ته 18 سال يا ان کان مٿي وارو بالغ تصور ڪيو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو اسان ووٽ جو حق، شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ، ڊرائيونگ لائيسنس وغيره لاءِ عمر جي حد 18 سال آهي.
آرزو راجا ڪيس ۾ انساني حقن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري پاران پيش ٿندڙ مشهور وڪيل صلاح الدين احمد جو چوڻ هو ته عدالت کي ٻن اهن سوالن جا جواب جاچڻ ۽ ڏيڻ گهرجن ته ڇا ننڍي عمر ۾ مذهب تبديل ڪري سگهجي ٿو ۽ ڇا ننڍي عمر ۾ شادي ٿي سگهي ٿي يا نه؟ عدالت کي گهرجي ته اها انهن سوالن جا سوال جواب ڏئي ته جيئن معاملو واضح ٿي سگهي.
جڏهن ته مذهبي اڳواڻن جو خيال آهي ته ڇوڪري يا ڇوڪرو جڏهن به بلوغت کي پهچن ته ان وقت اهي شادي ڪري سگهن ٿا ڇو ته 14 سئو سال اڳ به ائين ٿيندو هو. اڄ ڪالهه جي دور ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻار 10 کان 12 سالن جي عمر ۾ به بلوغت کي پڄي وڃن ٿا، پر سوال اهو آهي ته ڇا ان وقت سندن شادي ڪرائڻ بهتر عمل هوندو؟.
سول سوسائٽي جا نمائندا اهو سوال ڪن ٿا ته رسول ڪريم صلعم حج ۽ عمرو پنڌ يا جانورن تي ڪيو هو ته ڇا هاڻي جهاز ۾ نه وڃڻ گهرجي؟، ان وقت بجلي نه هئي ته ڇا هاڻي اها استعمال ڪرڻ گهرجي يا نه؟ 14 سئو سال اڳ مسجدن ۾ اي سيون ۽ لائوڊ اسپيڪر نه هئا ته اهي هاڻي ڇو ٿا استعمال ڪيا وڃن؟ رسول صلعم ڪڏهن به لينڊ ڪروزر يا ڪارن ۾ نه چڙهيو ته پوءِ عالم سڳورا انهن ۾ ڇو ٿا چڙهن؟ وغيره.
منهنجي ذاتي خيال ۾ ٻار جي شادي ۽ جبر جو پرڻو ڪنهن به مهذب سماج ۾ قابل قبول نٿو هجي ۽ اهو طبي توڙي ذهني حساب سان وڏا مسئلا پيدا ڪري ٿو ان لاءِ اسانکي انسانيت جو احترام ڪندي اهڙن پرڻن جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ۽ نه ئي ان جي حمايت ڪرڻ کپي.

About Author

Leave A Reply