مٺياڻي-نوشھروفيروز روڊ تي موٽر سائيڪل جو بيٺل ٽرئڪٽر کي ٽڪر، ٻه ڄڻا سخت زخمي - Eye News Network

مٺياڻي-نوشھروفيروز روڊ تي موٽر سائيڪل جو بيٺل ٽرئڪٽر کي ٽڪر، ٻه ڄڻا سخت زخمي

0

مٺياڻي(اي اين اين ايس) مٺياڻي – نوشھروفيروز لنڪ روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل جو روڊ تي بيٺل ٽرئڪٽر کي پٺيان کان زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا شھباز علي ولد ارباب ملاح ۽ زوھيب علي ولد ضمير علي ملاح سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور رورل ھيلٿ سينٽر مٺياڻيء ۾ آندو ويو، جتي رات جو ڊاڪٽر ڊيوٽيء تان غائب ھئڻ ڪري ۽ زخمين جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاء نوشھرو فيروز سول اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو، جتي زوھيب ملاح جي حالت انتھائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، کیس نواب شاه منتقل ڪیو ویو. آخري اطلاع تائين واقعي جو مٺياڻي ٿاڻي تي ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿيو آھي

About Author

Leave A Reply