مٺياڻي-مورو لنڪ روڊ تي ڏينھن ڏٺي جو ڦر، پوليس اطلاع باوجود نه پھتي - Eye News Network

مٺياڻي-مورو لنڪ روڊ تي ڏينھن ڏٺي جو ڦر، پوليس اطلاع باوجود نه پھتي

0

مٺياڻي (اي اين اين ايس) اڱاري واري ڏينھن مٺياڻي – مورو لنڪ روڊ تي دونگھ موري بس اسٽاپ وٽ چئن نامعلوم ھٿياربند ڦورن روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي انھن جي مسافرن کان ھزارين روپيه روڪ رقم، موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا، جڏھن ته ان موقعي تي مٺياڻيء کان مورو ڏانھن ويندڙ رانجھو خان ملاح کان پڻ ڦورن ھنڊا 125 موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ ھزارين روپيه روڪ رقم ڦر ڪئي.
متاثر ڳوٺاڻي صحافين کي ٻڌايو ته ھن فريد ديرو پوليس اسٽيشن تي بروقت اطلاع ڏنو ھو ليڪن واقعي جي ٻن ڪلاڪن گذرڻ بعد به پوليس اتي نه پھتي. آخر ۾ ھن ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان ڦورن کي گرفتار ڪري سندس ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي.

About Author

Leave A Reply