تماڪ واپرائڻ خلاف عالمي ڏينھن: انساني جانيون وڏي خطري ھيٺ آھن، اسما بي بي - Eye News Network

تماڪ واپرائڻ خلاف عالمي ڏينھن: انساني جانيون وڏي خطري ھيٺ آھن، اسما بي بي

1

حيدرآباد (اي اين اين) دنيا هن وقت جتي غربت، صاف پاڻي، بيمارين ۽ وڌندڙ آبادي جو شڪار آهي اتي وڌندڙ منشيات جو ڪاروبار عروج تي پهچڻ سبب انساني جانيون وڏي خطري هيٺ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار تمباڪو نوشي جي خاتمي لاء ڪم ڪندڙ تنظيم ثمر ضلعي حيدرآباد جي ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر اسما بي بي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو مسئلو منشيات جو عام واهپو هجڻ آهي جنهن کي روڪڻ لاء سرڪار ڪم ڪري پئي پر ان باوجود ان تمباڪو نوشيء واري ڪاروبار تي اڃان تائين ڪنٽرول ناهي ٿي سگهيو. سندس چوڻ ھو تہ اهو ئي سبب آهي جو هر جڳھ تي پان، گٽڪو، نسوار ۽ نشي واريون سوپاريون سرعام ملي رهيون آهن ۽ هر عمر جو ماڻهو اهڙي نشي کي واپرائي رهيو آهي جيڪو مختلف بيمارين ۾ پڻ وٺجي وڃي ٿو. هن چيو ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سرڪار ان عمل اهڙي منشيات جي وڪري لاء مڪمل قدم کڻي سگهندي يا اهي نشي آوار شيون هر جڳھ تي ايئن ئي ملنديون رهنديون. اسما بي بي وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ ان معامري تي ڊبليو ايڇ او پاران 31 مئي نو ٽو بيڪو ڊي جي نالي سان ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن کي منشيات جي واپرائڻ کان روڪڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پاڻ ۽ پنهنجي علائقي واسين کي هن منشيات جي واهپي کان باز آڻين ته جيئن ملڪ ۽ قوم هن مضر صحت تمباڪو کان بچي سگهي

About Author

1 Comment

  1. Migdalia Canedy on

    Im extremely pleased to find this site. I need to to thank you for your time for this particularly fantastic read!! I definitely really liked every little bit of it and i also have you saved to fav to look at new things in your website.

Leave A Reply