مٺياڻي: ڳوٺاڻن جو سيپڪو اھلڪار خلاف احتجاج، بجلي چوري ء قبضه ڪري ڪروڙ پتي بڻجي ویو - Eye News Network

مٺياڻي: ڳوٺاڻن جو سيپڪو اھلڪار خلاف احتجاج، بجلي چوري ء قبضه ڪري ڪروڙ پتي بڻجي ویو

0

 مٺياڻي (ای این این) مٺياڻيء ويجھو ڳوٺ نياز علي مشوريء جي رھواسي سيپڪو اھلڪار جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جاويد علي، نثار علي، ممتاز علي، عبدالله، الھ ڏنو ۽ ٻين پريس ڪلب مٺياڻي (رجسٽرڊ) آڏو احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته ڳوٺ جي رھواسي ۽ واپڊا ميٽر ريڊر غلام قادر ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري ڳوٺاڻن لاء آزار بڻجي ويو آھي۔
ھنن چيو ته ھو سرعام سرڪاري بجلي وڪرو ڪري رھيو آھي، جڏھن ته ھن ڳوٺ ۾ سرڪاري گھٽين تي پڻ قبضه ڪيا آھن جنھنڪري ڳوٺاڻن جو اتان اچڻ ۽ وڃڻ ڏاڍو ڏکيو بڻجي ويو آھي۔ ھنن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن وسيلي ڪروڙين روپين جي نوشھرو فيروز ۽ مٺياڻيء ۾ ملڪيت ٺاھيندڙ راشي ميٽر ريڊر جو احتساب ٿيڻ گھرجي۔
آخر ۾ ھنن ڳوٺاڻن کي واپڊا اھلڪار ۽ سندس پٽن پاران موت مار ڌمڪيون ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي نيب، ايف آئی ای، محتسب اعلیٰ، سيپڪو چيف سکر ۽ اينٽي ڪرپشن جي اعلي اختيارين کان انڪوائري ڪرائڻ ۽ ڪرپشن وسيلي ڪروڙين روپين جي غير قانوني ملڪيت ٺاھيندڙ واپڊا اھلڪار جو احتساب ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي

About Author

Leave A Reply