نوشهروفيروز:الله واري چوڪ تي ملڪيت تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو، موج علي شاھ 40 سالن کان زبردستيءَ قبضو ڪيو ويٺو آھي، مظاھرین - Eye News Network

نوشهروفيروز:الله واري چوڪ تي ملڪيت تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو، موج علي شاھ 40 سالن کان زبردستيءَ قبضو ڪيو ويٺو آھي، مظاھرین

0

 نوشهروفيروز(ای این این) ڪراچي جي رھواسين عدنان ۽ فرحين پٺاڻ ڊسٽرڪٽ جوڊيشل ڪمپليڪس آڏو ملڪيت تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ھنن چيو ته نوشهروفيروز شھر جي مرڪزي الله واري چوڪ تي مورو روڊ ۽ پڊعيدن روڊ جي وچ سندن وڏن جي ڪروڙين روپين جي ملڪيت آھي، جنھن تي بااثر قبضا مافيا سيد موج علي شاھ 40 سالن کان زبردستيءَ قبضو ڪيو ويٺو آھي ۽ قبضو ڪري ملڪيت تي سوين دڪان ۽ سبزي منڊي، پئٽرول پمپ اڏائي مسواڙون کائي رھيو آھي.
ھنن چيو ته ڄاڻايل ملڪيت اسان جي وڏن خريد ڪئي ھئي جنھن تي بعد ۾ قبضا مافيا قبضو ڪيو آھي. جڏھن ته عدالتن مان به ڪيس اسان کٽيو آهي پر ان باوجود به قبضو خالي نه ٿو ڪرايو وڃي ۽ قبضي مافيا ھن وقت موتمار ڌمڪيون ڏئي رھي آھي. ھنن چيو ته خانداني ملڪيت تان قبضو خالي ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

About Author

Leave A Reply