نوشھروفيروز ۾ ڌاڙي خلاف دڪاندارن، شھرين جو احتجاج، ٽائرن کي باھيون، ڌرڻو، پوليس خلاف نعري بازي - Eye News Network

نوشھروفيروز ۾ ڌاڙي خلاف دڪاندارن، شھرين جو احتجاج، ٽائرن کي باھيون، ڌرڻو، پوليس خلاف نعري بازي

0

 نوشھروفيروز(ای این این) نوشھروفيروز شھر۾ اڪرم آٽوز کي لڳل ڌاڙي خلاف دڪاندارن شھرين جو احتجاج ،ٽائرن کي باھيون روڊ بلاڪ ڌرڻو پوليس خلاف نعري بازي خبر موجب نوشھروفيروز جي دڪاندارن شھرين ۽ سياسي سماجي ڌرين جي وڏي انگ عبدالشڪور عباسي، اڪرم ڏنگراج، مظھرعلي ڏنگراج، وسيم ڏنگراج، غلام حيدر ملڪ، تیمور سومرو، محمود مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي اللہ واري چوڪ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، جنھن جي ڪري سکر، حيدرآباد ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھي ويون ڌرڻو ھڻي ويٺل شھر اندر وڌندڙن بدامني خلاف سخت نعري بازي ڪندا رھيا۔ ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙن صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ نوشھروفيروز جي ڳتيل آبادي مٺياڻي روڊ سان قائم اڪرم آٽوز ۾ گزريل ڏينھن شام جو 3 ھٿيار بندن دڪاندار اڪرم ڏنگراج کان ھٿيارن جي زو ز تي روڪ 6 لک جي رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن پر نوشھروفيروز پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، جنھن ڪري ڏينھون ڏينھن شھر اندر تيزي سان ڏوھاري وارداتون وڌي رھيون آھن ۽ نوشھروفيروز ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڏوھارين خلاف قدم نٿو کڻي ۽ ڏوھاري سري عام گھمن ٿا جنھن ڪري روز نوشھرو فيروز اندر ڏوھ وڌي رھيا آھن ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي تہ نوشھروفيروز ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ھٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ شھراندر روزانو احتجاج ڪرڻ سان گڏ سٽربند ھڙتال ڪئي ويندي.

About Author

Leave A Reply