ثقافت جي ڏينهن کي ڀرپور موٽ، ھر طرف ثقافتي رنگ نکري پيا، سنڌ امڙ کي ڀرپور ڀيٽا پيش - Eye News Network

ثقافت جي ڏينهن کي ڀرپور موٽ، ھر طرف ثقافتي رنگ نکري پيا، سنڌ امڙ کي ڀرپور ڀيٽا پيش

0

نوشهروفيروز (ای این این) ثقافت جي ڏينهن کي نوشهروفيروز ۾ ڀرپور موٽ، ھر طرف ثقافتي رنگ نکري پيا، ٻارڙن توڙي پڪن ھر عمر جي ماڻھن ثقافتي ويس اوڍي سنڌ امڙ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سڄو شھر ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، ايڪتا جو وڏو جشن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو ٿيو جيڪو صبح 10 وڳي شروع ٿيو ۽ شام تائين جاري رھيو ۽ سڄو ڏينھن ثقافتي ويس پھريل ٻار توڙي ٻڍا ۽ نوجوان قومي گيتن تي مھو رقص رھيا ۽ جھمريون ھڻي ڀرپور ايڪتا ڏينهن ملھايو.
سنڌ جي ناميارن فنڪارن صائمہ منظور، رئوف مگسي، ضامن حيدر، صداقت وسطڙو، شهباز زرداري، رضا وسطڙو، سڌير ميرالي ۽ ٻين سرن ۽ سازن سان ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙ ڌرتي جي گيتن تي جهمريون پائي نچندا رهيا، سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن، سنڌ منھنجي امان گيتن سميت ٻين گيتن محفل کي جذباتي بڻائي ڇڏيو ۽ نوجوان ڌرتي سان عشق جي مستي ۾ جھومي اٿيا. ايڪتا جشن ۾ مختلف ڳوٺن مان پاڻ مرادو نڪتل ثقافتي ريليون پھچي جشن جو حصو بڻجنديون رھيون.

About Author

Leave A Reply