ايم پي اي ممتاز چانڊيو پاران نوشھروفيروز ڪاليج ۾ ذاتي خرچ تي آر او فلٽر پلانٽ جو افتتاح - Eye News Network

ايم پي اي ممتاز چانڊيو پاران نوشھروفيروز ڪاليج ۾ ذاتي خرچ تي آر او فلٽر پلانٽ جو افتتاح

0

 نوشھروفيروز (ای این این)
پيپلزپارٽي ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو پاران گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج نوشھروفيروز ۾ شاگردن کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاء پنهنجي ذاتي خرچ تي آر او فلٽر پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ڪاليج جي بلڊنگ جي رپيئرنگ، آڊيٽوريم هال، ذاتي خرچ تي ملٽي ميڊيا ڏيڻ جو اعلان۔
افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي ممتاز چانڊيو چيو ته ساهتي پرڳڻو علم جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آھي، هتان جي بهترين استادن جي محنت جي بدولت ڪيترائي شاگرد وڏن پوسٽن تي مقرر ٿي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آھن۔ هن چيو ته نوشھروفيروز جو پاڻي زهريلو هجڻ ڪري شاگردن جي صحت جو خيال رکندي صاف پاڻي جو جيڪو واعدو ڪيو هو اهو اڄ پورو ڪيو آھي۔ اهڙي طرح ڪاليج جي بهتري لاء بلڊنگ جي مرمت ۽ آڊيٽوريم هال لاء سنڌ حڪومت کان بجيٽ منظور ڪرائي ويندي ۽ پنهنجي خرچ تي ملٽي ميڊيا پراجيڪٽ پڻ وٺي ڏيندس ته جيئن نوشھروفيروز ڪاليج سنڌ جو مثالي ڪاليج بڻجي سگهي۔
ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال خليفه محمد افضل ميمڻ، فاروق احمد ڀنڀرو، ليڪچرار بشير احمد ٻوهيو، آفتاب احمد راڄپر، سيد امداد ڪاظمي ۽ ٻين پڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو۔

About Author

Leave A Reply