حيدرآباد: ٻهراڙي واری تعلقي ۾ هڪ هزار عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺهرايا ويا - Eye News Network

حيدرآباد: ٻهراڙي واری تعلقي ۾ هڪ هزار عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺهرايا ويا

0

 حيدرآباد (اي این این) حيدرآباد ضلعي جي ٻهراڙي واری تعلقي جي 5 يونين ڪائونسلن ۾ هڪ هزار عورتن سيپ پاڪستان جي جزبا پروگرام جي سهڪار سان شناختي ڪارڊ ٺهرايا ويا. سيپ پاڪستان جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر سماجي اڳواڻ شهناز شيدي ٻڌايو ته نادار جي ٽيمن کي حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جي 6 يوسيز جي هڪ هڪ ڳوٺ ۾ وڃي جن عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺهيل نه هئا، انهن جا نادرا ٽيمن جي مدد سان سندن ڳوٺن ۾ ٺهرايا ويا آهن. هن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ شناختي ڪارڊ نه هجڻ سان ووٽ داخل نه ٿيڻ کان سواءِ ڪورونا ويڪسين به نٿي ٿي سگهي. جڏنهن ته شناختي ڪارڊ نه هجڻ واريون عورتون حڪومت جي احساس پروگرام کان سواءِ ٻئي ڪنهن به امدادي پروگرام مان لاڀ حاصل نه پئي ڪري سگهيون.انهيءَ ڳالهه کي نظر رکندي 5 يوسيز هوسڙي، هٽڙي، حاجي سانوڻ، موسيٰ کٽياڻ ۽ بهرام يوسيز ۾ خصوصي مهم هلائي هڪ هزار عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺهرايا ويا آهن.انهيءَ مهم دوران ڳوٺاڻي عورتن کي شهر ۾ نادارا آفيسن جي چڪرن کان بچائڻ لاءِ نادارا جي ٽيمن خصوصي سهڪار ڪيو ۽ ٽيمون پنجن ئي يوسيز جي مختلف ڳوٺن ۾ پهچي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ وارو عمل مڪمل ڪيو ۽ نادرا پاران ڳوٺاڻي عورتن کي ٽوڪن ڏنا ويا آهن.
ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ شهناز شيدي ۽ سماجي اڳواڻ شهناز حاجاڻو ٻڌايو ته هنن ڪيترائي ڏينهن لڳائي ڳوٺاڻين عورتن کي پنهنجن شناختي ڪارڊن جي اهميت کان آگاه ڪيو ۽ کين شناختي ڪارڊ جوڙائڻ لاءِ آماده ڪيو. هنن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ 5 يوسيز جي ڳوٺاڻن پڻ ڀرپور سهڪار ڪيو

About Author

Leave A Reply