دریا خان مری:سپر ليگ ڪرڪيٽ جو فائنل ڊي ڪي مري بادشاھ, ڊي ڪي مري ٿنڊر کان کٽي ورتو - Eye News Network

دریا خان مری:سپر ليگ ڪرڪيٽ جو فائنل ڊي ڪي مري بادشاھ, ڊي ڪي مري ٿنڊر کان کٽي ورتو

0

نوشھروفيروز (ای این این ایس) دريا خان مري ۾ چيف آرگنائيزر عبدالسلام بروھي پاران مرحوم وھاب الدين ملڪ جي ياد ۾ سپر ليگ ڪرڪيٽ جو ھڪ وڏو ٽورنامينٽ ڪرايو ويو۔ سپرليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ مھمان خاص مرحوم وھاب الدين ملڪ جي پٽ زين ملڪ, انتظار عرف دارا ملڪ, نثار ملڪ, منظور سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔  

ڪرڪيٽ دوران گرائونڊ ٻاھران سوين ماڻھن جي تعداد ۾ تماشائين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ سپرليگ ڪرڪيٽ فائنل کٽندڙ ٽيم کي مھمان خاص نثار ملڪ، زين ملڪ انتظار ملڪ پاران موٽر سائيڪل انعام ۾ ڏني وئي ۽ رنر ٽيم کي حسين بخش چنه طرفان رنر ٽيم کي ڏھ ھزار روپين جو ڪيش انعام ڏنو ويو۔ سپر ليگ جو فائنل ڊي ڪي مري بادشاھ ۽ ڊي ڪي مري ٿنڊر جي رانديگر وچ ۾ ٿيو۔ ڊي ڪي مري بادشاھ جي ڪپتان ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 10 اوورن ۾ 191 اسڪور ٺاھي مخالف ٽيم جي رانديگرن کي پھاڙ جيڏو 192 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو بيٽسمين نعمان آرائين 67 ۽ فياض خاصخيلي 51 رنسون ٺاھي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو۔

جوابي بيٽنگ ۾ ڊي ڪي مري ٿنڊر جا بيٽسمين ڊي ڪي مري بادشاھ جي بالرن آڏو بيوس بڻجي ويا ۽ مقرر 10 اوورن ۾ ڏنل حدف پورو نه ڪري سگھيا احسان ميمڻ جي 51 رنسن جي بھترين بيٽنگ سان بھترين اننگ به ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگھي۔

سپرليگ ۾ آيل مھمان خاص صحافين سان ڳالھائيندي چيو آرگنائيزر عبدالسلام بروھي جس لھڻي جنھن دريا خان مري ۾  ڪرڪيٽ کي پرموٽ ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ دريا خان مري جا با صلاحيت نوجوان راندين جي دنيا ۾ پنھنجو نالو روشن ڪري سگھن ٿا ۽ اھڙا سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿيندا رھن ته جيئن نوجوانن جي ھمٿ افزائي ٿئي ۽ انھن جو ٽيلنٽ به ظاھر ٿي پوندو ۽ اسان جي شھر جا نوجوان سماجي برائين طرف به وڃڻ کان بچي پوندا۔

About Author

Leave A Reply