مٺياڻي اسپتال جا ڪوارٽر ای سی خالي ڪرائي سيل ڪري ڇڏيا، قبضه مافيه ۾ ٿرٿلو - Eye News Network

مٺياڻي اسپتال جا ڪوارٽر ای سی خالي ڪرائي سيل ڪري ڇڏيا، قبضه مافيه ۾ ٿرٿلو

0

مٺياڻي(اي این این ایس) مٺياڻي اسپتال جا ڪوارٽر خالي ڪرائڻ لاء جج جو ڇاپو، اي سي ڀريا پوليس جي مدد سان ڪوارٽر خالي ڪرائي سيل ڪري ڇڏيا. خبر موجب سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تحت سرڪاري ڪوارٽرن ۽ ملڪيتن تان قبضه خالي ڪرائڻ جي سلسلي ۾ رورل ھيلٿ سينٽر مٺياڻي جي ڪوارٽرن تان قبضه خالي ڪرائڻ لاء نوشھرو فيروز جي جج پاران اسپتال تي اوچتو ڇاپو ھنيو ویو۔ جنھن دوران جج صاحب, ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز پاران ڪوارٽرن جي ڪيل الاٽمينٽ کي رد ڪري ڇڏيو۔
ھوڏانھن اي سي روينيو ڀريا شاھد حسين سرڪيء پاران جمع واري شام پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري مٺياڻي اسپتال تي ڇاپو ھڻي ڇھ ڪوارٽر ۽ ٻه فليٽ خالي ڪرائي انھن کي سيل ڪري ڇڏيو آھي۔
ٻئي طرف اي سي ڀريا مٺياڻي اسپتال جي ڪوارٽرن جي نئين سر ۽ ميرٽ جي بنياد تي الاٽمينٽ ڪرڻ لاء چار رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آھي، جنھن ۾ مٺياڻي اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر غضنفر علي لاڙڪ، اي ايم ايس ڊاڪٽر غلام الرسول سولنگي, ڊاڪٽر سيد غلام سرور شاھ ۽ ڊسپينسر روشن علي چنه کي مقرر ڪيو ويو آھي۔ ٻئي طرف شھر جي سياسي ۽ سماجي ڌرين مٺياڻي اسپتال تان غير قانوني قبضه ختم ٿيڻ تي خوشيء جو اظھار ڪندي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪٿي ائين نه ته ساڳي مافيا ٻيهر قبضو نه ڪري وٺي۔

About Author

Leave A Reply