مٺياڻي ٿاڻي ویجھو پرچون واري دڪان مان چوري - Eye News Network

مٺياڻي ٿاڻي ویجھو پرچون واري دڪان مان چوري

0

مٺياڻي (ای این این ایس) مٺياڻيء ۾ ٿاڻي جي ڀرسان مين چوڪ وٽ دڪان مان چوری۔ خبر موجب مٺياڻي ٿاڻي کان چند قدم جي مفاصلي تي مٺياڻي مورو مين چوڪ وٽ ٽن نامعلوم ھٿياربند زاھد حسين ڀٽيء جي پرچون واري دڪان جو شٽر ڀڃي ڇھ لک رپيه روڪ رقم چورائي فرار ٿي ويا، جنھنڪري غريب دوڪاندار جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي ويا , پوليس روايتي طور ڏوھاري ڳولڻ وارو ڪوڙو دلاسو ڏئي ھلندي ٿي۔ ٻئي طرف شھر جي دڪاندارن جو وڏو ڪٺ وقار شيخ جي رھائشگاھ تي ٿي گذريو، جنھن ۾ ايس ايڇ او مٺياڻي محمد سليمان وڳڻ پڻ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي شھرين ۽ دڪاندار اڳواڻن ايس ايڇ او مٺياڻيء کي ٽن ڏينھن جي مھلت ڏيندي چورايل رقم واپس ڪرائڻ ۽ چورن کي وائکو ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو چتاء ڏنو آھي۔ ھوڏانھن چوري ٿيل دڪان اڳيان سڄي رات ڊيوٽي ڪندڙ ٻن پوليس اھلڪارن ۽ شھر ۾ دڪانن جي حفاظت لاء مقرر ٿيل چوڪيدار جي موجودگي , شھرين ۽ دوڪاندارن کي نه رڳو اچرج ۾ وجھي ڇڏيو آھي پر پوليس لاء پڻ ڪيترائي سوال پئدا ڪيا آھن۔ ان سلسلي ۾ متاثر دڪاندار زاھد حسين ٻڌايو ته آء فوري طور پوليس لاء ڪجھ به نه چوندس, پر اميد آھي ته پوليس مونسان انصاف ڪندي , ٻئي طرف ايس ايڇ او مٺياڻي صحافين کي ٻڌايو ته ڏوھاري ڪٿي به لڪل ھوندا نه رڳو کين وائکو ڪبو پر کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ به آڻينداسين , ھن وڌيڪ چيو ته ھي منھنجي لاء ٽيسٽ ڪيس آھي , ان جي ڪاميابيء لاء ڀرپور ڪوشش ڪندس , ٻئي پاسي دوڪاندار زاھد حسين جي فرياد تي مٺياڻي ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي آھي۔

About Author

Leave A Reply