مٺياڻي ۾ پوليس پاران ڪرونا سبب اوچتو لاڪ ڊائون: جمع نماز بعد دڪان کلی ویا - Eye News Network

مٺياڻي ۾ پوليس پاران ڪرونا سبب اوچتو لاڪ ڊائون: جمع نماز بعد دڪان کلی ویا

0

مٺياڻي(اي اين اين ايس) مٺياڻيء ۾ پوليس پاران ڪرونا سبب اوچتو لاڪ ڊائون, ھوٽلن سميت سمورا دوڪان بند ڪرائي ڇڏيا.
خبر موجب وبائي مرض ڪرونا سبب مٺياڻيء ۾ پوليس شھر ۾ دڪانن کي بند ڪرڻ لاء اوچتو لاڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو, نماز جمعه کان پھرين صبح ساڻ ئي مٺياڻي پوليس شھرين مٿان اوچتو نادري حڪم لاڳو ڪندي شھر جا ھر قسم جي کاڌي پيتي جي شين جا دڪان بند ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا.
بند ڪرايل دڪانن ۾ ھوٽلون، گوشت، سبزين، فروٽ، کير ۽ دھيء سميت روزانه جي استعمال وارين سڀني شين جا دڪان بند ڪرايا ويا. ان سلسلي ۾ دڪاندارن مظھر علي، شفيع محمد، غلام نبي، محمد اشرف، محمد بچل، غلام سرور ۽ ٻين مٺياڻي پوليس پاران شھر ۾ اوچتو لاڪ ڊائون ڪرائي دڪان بند ڪرائڻ کي دڪاندارن جو وڏو مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪندي چيو آھي ته مٺياڻي پوليس کي ھڪ ڏينھن اڳ ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو شھرين کي اطلاع ڏيڻ گھربو ھو.
ھنن وڌيڪ چيو ته اوچتو لاڪ ڊائون ڪرڻ ڪري کير ,دھي ,گوشت ۽ ٻيون ضرورت واريون شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن جو وڏو نقصان ٿيو آھي. ھوڏانھن مٺياڻي پوليس لاڪ ڊائون ڪرڻ تي ٻڌايو ته کين شھر ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ وارو حڪم ايس ايس پي آفيس نوشھرو فيروز مان مليو ھو جنھنڪري شھر بند ڪرايو ويو.
جمع نماز بعد دڪان کلی ویا.

About Author

Leave A Reply